ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 4 هزار 643 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 42 هزار 636 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 4 هزار 179 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 78 هزار 345 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس جي قيمت 46.43 ڊالر جي اضافي سان 4202 ڊالر ٿي وئي آهي.
You might also like