برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر جو عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان، پارٽي قيادت به ڇڏي ڏنائين

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي پريس بريفنگ دوران برطانوي وزيراعظم عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بار بار اهو چيو ويو ته اسان جي پارٽي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ ختم ٿي وئي آهي، مان پارٽي جي خواهش تي پارٽي ليڊرشپ تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، اڄ صبح ڪنگ چارلس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، قيادت جي چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ تائين مان پنهنجي عهدي تي برقرار رهندس.
ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ هو ته ايندڙ وزيراعظم سان مڪمل سهڪار ڪندس، اقتدار جي منظم ۽ هموار منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس.
واضح رهي ته ڪيئر اسٽارمر 2024 وارين عام چونڊن ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
برطانيه ۾ ليبر پارٽي 4 جولاءِ 2024 تي ٻيهر اقتدار ۾ آئي، ليبر پارٽي عام چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي ماڻي هئي، 2024 ۾ ليبر پارٽي جي ڪاميابي سان 14 سالن کان جاري ڪنزرويٽو پارٽي جي اقتدار جو خاتمو ٿيو هو.
ياد رهي ته هڪ ڏهاڪي دوران برطانيه جو هي ڇهون وزيراعظم آهي جنهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.

 

You might also like