ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ عوام مٿان ظلم، استحصال ۽ جبر وارو نظام مڙهڻ ۾ سڀئي حڪمران پارٽيون شامل آهن. هنن پارٽين جو عام ماڻهن سان ڪو واسطو ناهي، پر اهي جاگيردارن، وڏيرن، اٽو مافيا ۽ کنڊ مافيا جي گڏيل مفادن جي حفاظت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته حڪمرانن کي عوام جي مسئلن، تڪليفن ۽ ڏکن سان ڪو به سروڪار ناهي، جڏهن ته ماڻهو 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، خراب روڊن ۽ ٽرانسپورٽ جي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي گذريل 18 سالن کان اقتدار ۾ آهي، پر ڪراچي جا رهواسي اڄ به پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن. هن الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم نورا ڪشتي ڪري رهيون آهن ۽ قومي توڙي بلدياتي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته قومي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم هڪ به يوسي نه کٽي هئي، پر ان کي قومي اسيمبلي جون 17 سيٽون ڏنيون ويون. هن عوام کي اپيل ڪئي ته حق ۽ انصاف جي بالادستي ۽ پنهنجن قانوني حقن جي حاصلات لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏين، ميمبر بڻجن ۽ تحريڪ کي مضبوط ڪن.هن اهي ڳالهيون آچر ڏينهن اسپتال چوڪ، ضلعي ملير ۽ مشرف ڪالوني، ضلعي ڪياماڙي ۾ جماعت اسلامي جي ملڪ گير ميمبرشپ مهم جي سلسلي ۾ قائم ڪيل ڪيمپن جي دوري دوران خطاب ڪندي ڪيون.ان موقعي تي سيف الدين ايڊووڪيٽ، سيد مفخر علي،حافظ عبداللطيف عباسي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.