لاڙڪاڻو/ڪڍڻ(پ ر) سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، عورتن جي قتلِ عام، 28هين ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ کان لاڙڪاڻي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماهه نور ملاح، حاجي علي حسن وڪو،ڪاشف ملاح، قادر ڀٽو،ڪومل وڪو،اقره مصطفي ابڙو،اقصا مصطفي ابڙو،محمد خان چانڊيو،عبدالرحمان چانديو،مصطفي رحمان ابڙو،علي رضا جلباڻي،علي محمد وڪو،مقبول راهوجو،علي مصطفي ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پنجاب سرڪار پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو آهي، پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز طرفان ميرا پاني ميري مرضي جهڙا فاشسٽ نعرا هڻڻ کانپوءِ پنجاب ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي وسيلي سنڌ جو پاڻي روڪيو آهي، هنن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار خطن جو ڍونگ ڪرڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي الاٽ ڪيل 52713 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ فوري طور رد ڪري. هوڏانهن بدين جي سامونڊي پٽي ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري ڪربلا واري صورتحال خلاف عوامي تحريڪ طرفان ريلي ڪڍي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي ۾ آبادگارن، ھارين ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ پرجوش نعرا ھنيا ويا، پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا، ظالمو جواب ڏيو – پاڻي جو حساب ڏيو، يزيدو جواب ڏيو-پاڻي جو حساب ڏيو. ريلي کي خطاب ڪندي لال جروار،مھراڻ درس،مختيار بڪاري،محبت ھاليپوٽو،جيون ڪمار، ايڊووڪيٽ ڪامران لاکو،ستار گوپانگ، ريوو ڪولھي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي. فصل سڪي ويا، آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتلام جاري آھي. انسان پکي پکڻ جانور پاڻي جي ڦُڙي ڦُڙي لاء تڙپن پيا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پنجاب زورزبردستي ٻه ڌاڙيل واھ تونسه پنجند ۽ چشما جھلم ڪينال کولي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو آھي.
سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي شديد کوٽ، ڊيلٽا وارن علائقن کي خطرو
سکر (رپورٽ: رستم انڍڙ) سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ برقرار، ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ڏانهن هڪ ڦڙو به نه ويو، 91ع واري معاهدي تحت مقرر وهڪرو به نه ملي سگهيو، گڊو تي معمولي اضافو، سکر ۽ ڪوٽڙي تي صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڊيلٽا وارن علائقن لاءِ خطرو وڌي ويو، رپورٽن موجب سنڌ جي ٽنهي وڏن بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي تي پاڻي جي کوٽ واري صورتحال برقرار آهي ۽ درياهه ۾ وهڪرن ۾ ڪو نمايان اضافو سامهون نه آيو آهي، جنهن سبب خريف جي فصلن سان گڏ هيٺانهين وارن علائقن ۽ سنڌو ڊيلٽا لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن،گڊو بئراج تي معمولي واڌ، گڊو بئراج تي مٿيون وهڪرو 1 لک 52 هزار 802 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 1 لک 15 هزار 101 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو،گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ مٿئين وهڪري ۾ تقريبن 998 ڪيوسڪ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ريڻي ڪئنال ڪالهه به بند رهيو، سکر بئراج تي محدود فراهمي، سکر بئراج تي مٿيون وهڪرو 1 لک 7 هزار 30 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 64 هزار 580 ڪيوسڪ رهيو، روهڙي، نارا ۽ رائيس ڪئنالن سميت مختلف شاخن کي محدود مقدار ۾ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فصلن جي ضرورتن جي مقابلي ۾ فراهمي اڃان به گهٽ آهي.ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ٻڙي وهڪرو آهي، ڪوٽڙي بئراج تي مٿيون وهڪرو 22 هزار 295 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ته هيٺيون وهڪرو مڪمل طور تي ٻڙي رهيو، جنهن جو مطلب آهي ته سنڌو درياهه مان سمنڊ ڏانهن پاڻي جو ڇوڙ مڪمل طور بند آهي. 91ع واري پاڻي ٺاهه تحت صورتحال1991ع واري پاڻي ٺاهه ۽ ان کانپوءِ ٿيل مطالعي موجب سنڌو ڊيلٽا کي زنده رکڻ ۽ سمنڊ جي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ سالياني بنيادن تي گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏڻ ضروري قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته مختلف ماهرن موجب ماحولياتي ضرورتن لاءِ 27 ملين ايڪڙ فوٽ تائين پاڻي گهربل آهي پر موجوده صورتحال ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ صفر وهڪرو هجڻ سبب مقرر ماحولياتي وهڪرو به نه ملي رهيو آهي، جنهن ڪري عملي طور تي 100 سيڪڙو کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، سمنڊ ڏانهن مٺو پاڻي نه وڃڻ سبب ڊيلٽا جي ٻيٽن ۽ آبي ماحول کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي، سامونڊي کارو پاڻي ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي علائقن ۾ داخل ٿي زرعي زمينن کي بنجر بڻائي رهيو آهي، مٺو پاڻي نه ملڻ سبب مڇين، جھينگن ۽ ٻين آبي جاندارن جي نسل ڪشي متاثر ٿي رهي آهي، زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بحران ساحلي علائقن ۾ زير زمين پاڻي کارو ٿي رهيو آهي، جنهن سان زراعت ۽ انساني آباديون متاثر ٿي رهيون آهن، مينگرووز جي ٻيلن کي نقصان سنڌ جا مينگرووز ٻيلن کي تازي پاڻي جي کوٽ سبب سڪڻ ۽ ختم ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، ٽنهي بئراجن تي مٿئين پاسي مجموعي وهڪرو 2 لک 82 هزار 127 ڪيوسڪ جڏهن ته هيٺئين پاسي مجموعي نيڪال 1 لک 79 هزار 681 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، آبپاشي ماهرن موجب خريف جي فصلن جي وڌندڙ گهرج، ريڻي ڪئنال جي بندش ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ جي آبپاشي نظام تي دٻاءُ برقرار آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته مٿان کان وڌيڪ پاڻي نه پهچڻ جي صورت ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته سنڌو ڊيلٽا ۽ ساحلي علائقن جا ماحولياتي مسئلا به سنگين صورت اختيار ڪري سگهن ٿا.
پاڻي کوٽ،ذوالفقار آباد،سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف قومي عوامي تحريڪ جا مظاهرا
حيدرآباد(پ ر)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ،ذوالفقار آباد،سنڌو درياھ تي ڌاڙي ،28 هين آئيني ترميم،ڪرپشن، ڪارپوريٽ فارمنگ،سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان ڪالهه 11 ھين ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاھرا، ڪارنر گڏجاڻيون ۽ سجاڳي مھم ذريعي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھينڊ بل ورھايا ويا. ان ڏس ۾ پير يار محمد شاھ قريشي،گل حسن چانڊيو،بلاول پٺاڻ،وزير احمد پٺاڻ،راجا ڀيل،عارف ميمڻ، احسان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو ، باهو کوسو ۾ گل کوسو، وهاب سنڌي، ناصر ڪنراڻي، ارشاد ڪنراڻي، نظر بگٽي،نوري آباد ۾ مقصود جهتيال، شڪيل انصاري، لياقت گبول،لکانو پالاري،مٺل گبول،ذاڪر گرگيز،ذوالفقار گبول ايس ايس ٽي جي اڳواڻ نعيم شر، اسد لاشاري، وحيد نواب پالاري، سارنگ پالاري،راجا رحمان پالاري،خادم گبول،اويس پالاري،راشد کوسو،عنايت گبول ماتلي ۾ گيانچند مهيشوري ڪيلاش مڪواڻه ڪولھي ڌڻي بخش خاصخيلي مالشي ڪولھي ۽ ٻين خطاب ڪيو. اسلام ڪوٽ شھر ۾ زاهد گل اوٺو مدئجي ۾ ايڊووڪيٽ ظفر چنا، ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو، امداد سومرو،خير محمد ناپر،محمد رفيق ڪمبوھ،ظهير جوڻيجو،ضمير گهانگهرو ۽ ٻين شھر ۾ ھينڊ بل ورھايا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ خلاف وڏيون سازشون پيون ٿين. 28 ترميم سنڌ ۽ پاڪستان خلاف سازش آھي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪري سنڌ کي بيابان ۽ ڀڙڀانگ ڪيو پيو وڃي. ذوالفقار آباد رٿا جي نالي ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي تي قبضي جا ناپاڪ منصوبا جوڙيا پيا وڃن.ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياست سڀ کان وڌيڪ اردو ڳالھائيندڙن کي نقصان ڏنو آھي. اردو ڳالھائيندڙ مائرن جون جهوليون خالي ڪيون آھن. ايم ڪيو ايم وٽ ملڪ يا سنڌ جي ترقي سميت عوام کي ڏيڻ لاءِ تباھي، نفرت ۽ دھشتگردي کانسواءِ ڪجھ به ناھي،هن چيو ته سنڌ اسان جو وطن آھي. اسان جي ڌرتي ماءُ آھي. جنھن کي سنڌ ۾ رھڻ پسند ناھي، اھو ھتان وڃي سگھي ٿو. جيڪو پاڻ کي ھن عظيم تھذيب سان جوڙيندو اھو تاريخ ۾ رھندو،هن چيو ته سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. ھزارين سالن کان اسان جو وطن آھي ۽ ھميشه رھندو.