ايران جي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه باقر قاليباف ٽرمپ جي ڌمڪين جي جواب ۾ چيو آهي ته ٽرمپ اهو نٿا سمجهن ته جيڪڏهن سندن ڌمڪين جو ڪو اثر هجي ها ته هو اڄ اهڙي مايوسي واري حالت تائين نه پهچن ها.
هن چيو ته اسان آمريڪي ڌمڪين کي ڪا اهميت نٿا ڏيون. بهتر آهي ته ٽرمپ پنهنجي بيانن ۾ احتياط kre، ڇو ته اسان جون هٿياربند فوجون مختلف طريقن سان جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن.