تھران(ويب ڊيسڪ)ايراني ميڊيا موجب پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي سان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور 80 منٽن تائين جاري رهيو. ڳالهين جي وقفي دوران وفدن اندروني مشاورت ڪئي، ۽ ان وقفي ۾ ايران ۽ قطر جي وفدن وچ ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي.
ايراني ميڊيا چيو آهي ته ايراني وفد ٽرمپ جي ڌمڪين تي آمريڪي وفد آڏو باقاعده احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو.