آمريڪا ۾ دَم ھجي ھا تھ گھڙي کَڻ لاءِ ئي آبناءِ ھرمز کولرائي ڏيکاري ھا: ابراھيم رضائي

تھران(ويب ڊيسڪ)ايران جي پارليماني قومي سلامتي ڪميشن جي ترجمان ابراهيم رضائي آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ٽرمپ آبناءِ هرمز جي بندش بابت شڪايت ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ٽرمپ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته هو آبناءِ هرمز جو ڪنٽرول سنڀالي سگهي ٿو، پر اهڙين ڌمڪين ۽ وڏين ڳالهين جو اثر هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.

ابراهيم رضائي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان وٽ واقعي صلاحيت هجي ها ته جنگ دوران آبناءِ هرمز جو ڪنٽرول گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه لمحن لاءِ ئي صحيح، سنڀالي وٺو ها. توهان اهو ڪرڻ چاهيو به پيا، پر ڪري نه سگهيا.

You might also like