واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبناءِ هرمز بابت سخت ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران هن اهم سامونڊي رستي کي بند ڪيو ته آمريڪا ايران کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
آمريڪي ٽي وي چينل فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هن اهو پيغام سڌو ايران جي قيادت تائين پهچايو آهي ته جيڪڏهن آبناءِ هرمز بند ڪئي وئي ته ان جا تمام سخت نتيجا نڪرندا.
ٽرمپ چيو: ”جيڪڏهن توهان اهو رستو بند ڪيو ته توهان جو ملڪ نه بچندو ۽ توهان پنهنجي ملڪ تائين به واپس نه پهچي سگهندؤ “.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران سان ٺاهه نه ٿيو ته آمريڪا آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن تي ٽيڪس (ٽول) لڳائي سگهي ٿو. هن اهو به خبردار ڪيو ته “جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان آبناءِ هرمز جو ڪنٽرول به سنڀالي سگهون ٿا“.
فاڪس نيوز موجب جڏهن ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي يورينيم وڌائڻ جي حق بابت بيان تي ردعمل پڇيو ويو ته ٽرمپ چيو: ”انهن کي پنهنجي زبان سنڀالي رکڻ گهرجي، نه ته اسان سڄي ملڪ جو ڪنٽرول به وٺي سگهون ٿا“.