ڪارو هرڻ فلم ڪيس: سلمان خان کي عدالت مان فوري رليف نه ملي سگهيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽارسلمان خان کي فلم”ڪالا هرن: دي بيٽل فار ليگسي“ خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ عدالت مان فوري رليف نه ملي سگهيو، جڏهن ته ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب نئين دهلي جي عدالت ۾ جسٽس مڌو جين جي سربراهي ۾ فلم خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سلمان خان جي وڪيل سينيئر ايڊووڪيٽ سنديپ سيٺي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته فلمساز سندس زندگي تي فلم ٺاهي رهيا آهن، جڏهن ته هن اهڙي ڪنهن به منصوبي جي اجازت نه ڏني آهي.

سلمان خان جي قانوني ٽيم دليل ڏنو ته فلمساز تجارتي فائدي لاءِ اداڪار جي نالي، تصوير ۽ عوامي سڃاڻپ جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. ٽيم جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ فلم ۾ سلمان خان جو نالو سڌو سنئون استعمال نه ڪيو ويو آهي، پر ڪهاڻي ۽ پيشڪش سندس حقيقي زندگي سان گهري مشابهت رکي ٿي.

رپورٽ موجب وڪيل سنديپ سيٺي فلم جي ٽريلر جا ڪجهه منظر پيش ڪندي چيو ته مرڪزي ڪردار سلمان خان سان تمام گهڻو مشابهت رکي ٿو ۽ سندس مشهور فيروزي نيري رنگ وارو ڪنگڻ به پاتل ڏيکاريو ويو آهي. هن الزام هنيو ته ٽيزر ۾ هٿيار کڻي بيٺل ڪردار گمراهه ڪندڙ ۽ نقصانڪار تاثر ڏئي ٿو ۽ فلم حقيقتن کي مسخ ڪري ٿي.

ٻئي پاسي فلمسازن جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته کين قانوني دستاويزن جي مڪمل بدران رڳو جزوي ڪاپي ملي آهي. سندن چوڻ هو ته فلم جي موضوع سبب پروڊڪشن ٽيم کي سخت ردعمل ۽ موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جن بابت پوليس وٽ شڪايت به داخل ڪرائي وئي آهي.

You might also like