روزاني عادتن ۾ ننڍيون تبديليون به صحت تي مثبت يا منفي اثر وجهي سگهن ٿيون. ماهرن موجب جيڪڏهن صبح جو نيراني ٿڌو پاڻي پيئجي ته ان جا جسم تي ڪجهه دلچسپ اثر ظاهر ٿي سگهن ٿا. پاڻي ٿڌو هجي يا عام گرمي پد وارو، ٻنهي صورتن ۾ اهو جسم کي پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، پر صبح سوير ٿڌو پاڻي پيئڻ جا ڪجهه الڳ فائدا به سامهون آيا آهن.
جسم ۾ پاڻي جي سطح بهتر ٿئي ٿي
رات جي ڊگهي ننڊ کانپوءِ جسم ۾ پاڻي جي معمولي کوٽ ٿي سگهي ٿي، جنهن سبب ٿڪاوٽ، ڪمزوري، ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائي ۽ مٿي جو سور جهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. صبح جو پاڻي پيئڻ سان جسم کي تازگي محسوس ٿئي ٿي ۽ پاڻي جي سطح بهتر ٿئي ٿي.
هاضمي جو نظام بهتر ٿئي ٿو
ڏينهن جي شروعات پاڻي سان ڪرڻ هاضمي واري نظام کي سرگرم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. پاڻي خوراڪ جي نالي ۾ موجود فضلي ۽ کاڌي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جنهن سان هاضمي جا عمل وڌيڪ مؤثر ٿين ٿا. ان سان گڏ آنڊن جي ڪارڪردگي به بهتر ٿئي ٿي ۽ قبض کان بچڻ ۾ مدد ملي ٿي.
توانائي ۽ ذهني ڪارڪردگي ۾ واڌ
جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ٿڪاوٽ محسوس ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته صبح جو پاڻي پيئڻ سان جسماني توانائي، يادگيري ۽ ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت بهتر ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ٿڌو پاڻي دماغ ڏانهن رت جي وهڪري کي به وڌائي سگهي ٿو، جنهن سان ذهني چستي ۽ هوشياري ۾ اضافو اچي ٿو.
ميٽابولزم ۾ معمولي تيزي
ڪجهه تحقيقي رپورٽن موجب نيراني ٿڌو پاڻي پيئڻ سان ميٽابولزم جي رفتار ۾ معمولي اضافو ٿي سگهي ٿو. جسم کي پنهنجي اندروني گرمي پد کي برقرار رکڻ لاءِ ٿوري وڌيڪ توانائي خرچ ڪرڻي پوي ٿي، جنهن سان ڪيلوريز ساڙڻ جو عمل ڪجهه تيز ٿي سگهي ٿو. مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ جسماني وزن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
ماهرن جي صلاح
رپورٽن موجب پاڻي گهٽ پيئڻ سان قبض، ٿڪاوٽ ۽ ذهني ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي جا خطرا وڌي سگهن ٿا. بهرحال، هر ماڻهو جي جسماني ضرورت مختلف هوندي آهي، تنهن ڪري صحت بابت ڪنهن به خاص عادت اختيار ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ مناسب آهي.