حج 2027 لاءِ رجسٽريشن سڀاڻي کان شروع ٿيندي: مذهبي معاملن وارو کاتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري کاتي حج 2027 لاءِ رجسٽريشن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

مذهبي کاتي جي جاري ڪيل پڌرائي موجب حج 2027 لاءِ رجسٽريشن سڀاڻي 22 جون کان شروع ٿيندي، جڏهن ته رجسٽريشن جي ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حج رجسٽريشن ”پهرين اچو، پهرين حاصل ڪيو“ جي بنياد تي ڪئي ويندي.

پڌرائي موجب سرڪاري ۽ خانگي ٻنهي حج اسڪيمن لاءِ رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ رجسٽريشن کانسواءِ حج 2027 لاءِ درخواست جمع نه ڪرائي سگهبي. درخواست ڏيندڙ جو پاسپورٽ گهٽ ۾ گهٽ 26 نومبر 2027 تائين ڪارائتو هجڻ ضروري هوندو، جڏهن ته هڪ ئي خاندان جا فرد گڏيل طور رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ به حج رجسٽريشن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.

پڌرائي موجب حج رجسٽريشن سڄي ملڪ جي ڄاڻايل بئنڪن وسيلي ڪرائي سگهبي، جڏهن ته خواهشمند گهر ويٺي آن لائن به رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. رجسٽريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي سرڪاري يا خانگي حج اسڪيم چونڊڻ ممڪن هوندو.

You might also like