تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايراني وفد سوئٽزرلينڊ پهچي ٺاهه نامي تي عملدرآمد ۽ ان جي پابندي جو مطالبو ڪندو.
پنهنجي بيان ۾ اسماعيل بقائي چيو ته اسان پنهنجون ذميواريون ۽ واعدا پورا ڪيا آهن، هاڻي آمريڪا پابند آهي ته هو اسرائيل کي لبنان تي حملا بند ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري. جيڪڏهن ٻئي ڌر پنهنجن واعدن جو احترام نه ڪيو ته ٺاهه خطري ۾ پئجي ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته سامهون واري ڌر کي جلد کان جلد ضروري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن اها ڌر پنهنجن واعدن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ايران به جوابي قدم کڻندو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اسان اهڙو ڪو به ٺاهه ناهي ڪيو جنهن تي عمل ڪرڻ ممڪن نه هجي. اسان جو اصول ”واعدي جي بدلي واعدو“ آهي، جڏهن ته ايراني ڳالهين ڪندڙ ٽولي ڪجهه ئي دير ۾ سوئٽزرلينڊ لاءِ رواني ٿيندي.