ڳالهين جو عمل صحيح ٿو هلي، آبناءِ هرمز بند ٿيڻ جا ثبوت ناهن مليا: جي ڊي وينس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران سان ڳالهين جو سڀاڻي امڪان آهي، ڳالهين جو عمل صحيح نموني هلي رهيو آهي.

آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي وينس چيو ته سندس ايندڙ ٻن ڏينهن اندر سوئٽزرلينڊ وڃڻ جو امڪان آهي.

هن چيو ته اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ايران سان ڳالهين لاءِ اڳ ئي سوئٽزرلينڊ ۾ موجود آهن، جڏهن ته ايران سان ڳالهيون سڀاڻي ٿيڻ جي اميد آهي.

آمريڪي نائب صدر وڌيڪ چيو ته ايران سان ڳالهين بابت معاملا ٺيڪ رخ ۾ هلي رهيا آهن ۽ هو جنگبندي برقرار رهڻ بابت پُراعتماد آهن.

سندس چوڻ هو ته ايران سان ڳالهين کي هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ايران طرفان آبناءِ هرمز بند ڪرڻ جا ڪي به ثبوت سامهون ناهن آيا.

You might also like