اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي چونڊن لاءِ مسلم ليگ ن 45 مان 37 تڪن تي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب مسلم ليگ ن 45 مان 37 تڪن لاءِ ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته باقي 8 تڪن بابت صلاح مشورا آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن. نواز شريف ۽ شهباز شريف، رانا ثناءُ الله ۽ امير مقام کي چونڊن بابت خاص ذميواريون پڻ سونپيون آهن.
ذريعن ٻڌايو ته باقي 8 اميدوارن جي ٽڪيٽن جو اعلان ايندڙ ٻن ڏينهن اندر ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ رانا ثناءُ الله ۽ امير مقام جون اهم اميدوارن سان ملاقاتون جاري آهن.
ذريعن موجب چوڌري محمد اظهر صادق جي مسلم ليگ ن ۾ شموليت ۽ چونڊ وڙهڻ بابت معاملا طئي ٿي ويا آهن. عباس پور مان ياسين گلشن کي مسلم ليگ ن جو اميدوار نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته لڇراٽ مان اڳوڻي صوبائي وزير چوڌري شهزاد به مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن مطابق راج محل ڪوٽلي مان ملڪ نواز کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته راولاڪوٽ جي تڪ ٻاويهه مان سردار جاويد شريف کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ اميدوارن جا نالا حتمي منظوري لاءِ نواز شريف ڏانهن موڪليا ويا آهن، جڏهن ته جيڪي اڳواڻ ٽڪيٽن کان محروم رهجي ويا آهن، انهن کي پارٽي نظم ۽ ضبط ۾ رکڻ لاءِ رابطا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.