لاهور(ويب ڊيسڪ)دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي سان لاڳاپيل هڪ وڌيڪ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج منظر علي گل، ڪوٽ لکپت جيل ۾ 9 مئي تي پوليس جون گاڏيون ساڙڻ واري ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن محمود الرشيد، عمر چيمه، اعجاز چوڌري ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ڏهه، ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي.
دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪيس ۾ نامزد تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو.