لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ بندي لاڳو

تل ابيب/بيروت(ويب ڊيسڪ) لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جيڪا مقامي وقت موجب شام 4 وڳي کان لاڳو ٿي چڪي آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، هي معاهدو آمريڪا ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيو، جنهن ۾ آمريڪا اسرائيل سان، جڏهن ته قطر ايران سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هڪ اسرائيلي ذريعي عبراني ميڊيا کي تصديق ڪئي ته جنگ بندي لاڳو ٿي چڪي آهي، ان کان سواءِ اهو به چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي بفر زون ۾ موجود رهندي.
ذريعن موجب، اسرائيل خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حزب الله طرفان ڪو حملو ڪيو ويو ته ان جو جواب ڏنو ويندو.

 

You might also like