يوٽيوب ڊيزائن ۾ تبديلي، ڪجهه شيون ظاهر ۽ ڪجهه شيون لڪايون وينديون!

يوٽيوب جي طرفان وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ۾ ڪجهه نيون تبديليون ڪيون پيون وڃن.
هن ڀيري ڪمپني جي طرفان نين تبديلين ۾ يوٽيوب وڊيوز جي انٽرفيس کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهو اڻوڻندڙ محسوس نه ٿئي.
جيڪڏهن توهان ڪا وڊيو اوپن ڪريو ته ان جي هيٺان توهان کي ڪمينٽس نظر ايندا ۽ چينل تي وڃڻ وارو آپشن يا سبسڪرائبر بٽڻ وغيره موجود هوندا، پر واهيپدار ان قسم جي تفصيلن تي گهڻو ڌيان نه ڏيندا آهن.
پر هاڻي يوٽيوب جي طرفان هن ڊيزائن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اينڊرائيڊ اٿارٽي جي رپورٽ موجب، وڊيو جي هيٺان موجود بار کي اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي.
هاڻي چينل جي تفصيلن جي جاءِ تي بس چينل جو لوگو ۽ يوزر نيم ڏنو ويندو، جڏهن ته ٻين بٽڻن جهڙوڪ لائڪ، ڊس لائڪ، شيئر ۽ آسڪ کي لوگو جي ڀر ۾ هڪ قطار ۾ ڏنو ويندو.
سيو، ڊائون لوڊ ۽ رپورٽ بٽڻن کي اوور فلو مينيو ۾ لڪايو ويندو جيڪو چئني بٽڻن جي ڀر موجود هوندو.
وڊيو جي عنوان کي وڏو ڪيو ويندو ته جيئن اکين لاءِ ان کي پڙهڻ آسان ٿي سگهي.
بنيادي طور تي هن ري ڊيزائن جو مقصد پراڻي اڻوڻندڙ ڊيزائن کي بهتر بڻائڻ آهي.
پر وڌيڪ اهم تبديلي آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آسڪ فيچر آهي جنهن جو بٽڻ هاڻي وڌيڪ نمايان ڪيو پيو وڃي.

You might also like