سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ سان هٿ چراند؟ ڀارت ۾ موهن جي دڙي جي ”ڊانسنگ گرل“ جي مجسمي ٻائيتال

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي نصابي ڪتابن ۾ سنڌو ماٿريءَ جي تاريخي شهر موهن جي دڙي مان هٿ آيل مشهور نوادرات مان هڪ ”ڊانسنگ گرل“ جي مجسمي واري تصوير کي ڍڪڻ کانپوءِ تڪرار پيدا ٿي ويو هو، وڏي پئماني تي تنقيد کانپوءِ هاڻي اها تصوير پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪئي پئي وڃي.
پتل مان ٺهيل هي مجسمو هڪ ڇوڪريءَ جو آهي، جيڪا چيلهه تي رکيون بيٺي آهي. موهن جي دڙي مان دريافت ٿيل هي مجسمو ”ڊانسنگ گرل“ جي نالي سان مشهور آهي.
ڀارت ۾ نائين درجي لاءِ جاري ڪيل نون نصابي ڪتابن ۾ هن مجسمي جي ڌڙ واري حصي تي ڪاري مس هڻي سندس اوگهڙ لڪائي وئي هئي.
هي نصابي ڪتاب نيشنل ڪائونسل آف ايجوڪيشنل ريسرچ اينڊ ٽريننگ (اين سي اي آر ٽي) تيار ڪيو هو ۽ ”ڊانسنگ گرل“ جي تصوير ۾ ڪيل ترميم سبب اداري کي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.
تڪرار کانپوءِ اختيارين اعلان ڪيو آهي ته ڪتاب جي ڊجيٽل ورزن ۾ اصل تصوير بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نون ڇپجندڙ ڪتابن ۾ به پتل جي هن مجسمي جي غير ترميم ٿيل تصوير شامل ڪئي ويندي.
اين سي اي آر ٽي جي ڊائريڪٽر دنيش سڪلاڻي مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته ترميم ٿيل تصوير کي ڪتاب مان هٽايو ويندو.
هن چيو ته ”ماهرن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڊانسنگ گرل جي تصوير کي ان جي اصل شڪل ۾ واپس آندو پيو وڃي.“
واضح رهي ته سنڌو ماٿريءَ بابت باب ڀارتي اسڪولن جي نصاب جو مستقل حصو رهيو آهي، جڏهن ته ”ڊانسنگ گرل“ جو مجسمو پڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نصابي ڪتابن ۾ شامل رهيو آهي.
اين سي اي آر ٽي اڃا تائين تصوير ۾ ترميم ڪرڻ جو سبب بيان نه ڪيو آهي.
ڀارتي اخبار انڊين ايڪسپريس سڀ کان پهرين اها خبر شايع ڪئي هئي، اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ۾ هن ترميم تي تنقيد ڪندي لکيو ته ”ڊانسنگ گرل ان ڪري اهم آهي، جو اها وقار، خوداعتمادي ۽ شخصي اظهار جي علامت طور ڏٺي وڃي ٿي.“
هي نصابي ڪتاب اين سي اي آر ٽي جي نئين ”آرٽس ايجوڪيشن سيريز“ جو حصو آهي، جيڪا نئين قومي تعليمي پاليسي تحت متعارف ڪرائي وئي آهي، ته جيئن ويجوئل، ادبي ۽ اداڪاريءَ سان لاڳاپيل فنن کي مرڪزي تعليم جو حصو بڻائي سگهجي.
موهن جو دڙو سنڌو ماٿريءَ وڏن ۽ اهم آثارن واري ماڳن مان هڪ آهي، هتان دريافت ٿيل ”ڊانسنگ گرل“ جو مجسمو هڪ اهڙي ڇوڪريءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا زيورن سان سينگاريل آهي، سندس وار ٻڌل آهن ۽ سندس بيهڪ انساني جسم جي فطري حرڪت کي نمايان ڪري ٿي.
قديم آثارن جا ماهر ڊگهي عرصي کان هن مجسمي کي ان ڳالهه جو ثبوت قرار ڏيندا رهيا آهن ته سنڌو ماٿريءَ ۾ ڌاتوءَ مان ٺهندڙ شين جو اعليٰ ۽ ترقي يافته علم موجود هو، هي مجسمو هن وقت دهلي جي نيشنل ميوزيم ۾ محفوظ رکيل آهي.

You might also like