وڏن وزيرن،حڪومتي شخصيتن جا ملڪي ۽ عالمي سطح تي اسڪينڊل اچڻ وارا

جو وڏو وزير ڪنهن ٻي پارٽي جي ٽڪيٽ تي اچڻ چاهي ٿو، ٽئين صوبي جو اڳوڻو وڏو وزير موجوده وڏي وزير کي هٽائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جڏهن ته هڪ اهڙو وڏو وزير، جيڪو ڪافي عرصي کان پنهنجي عهدي تي برقرار آهي، ان کي هٽائڻ لاءِ به هڪ ٻيو شخص پاڻ کي متبادل طور پيش ڪري رهيو آهي.فيصل واوڊا چيو ته انهن سڀني کي شايد اهو احساس ناهي ته سندن ڪرپشن جون ڪهاڻيون سامهون اچڻ واريون آهن. سندس دعويٰ هئي ته انهن سان لاڳاپيل ڪرپشن جا اسڪينڊل ظاهر ٿيندا، سندن ذاتي وڊيوز بابت به اسڪينڊل سامهون ايندا، ۽ اهي معاملا صرف پاڪستان تائين محدود نه رهندا، پر ڪجهه بين الاقوامي اسڪينڊل به منظرعام تي ايندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته هو انتهائي طاقتور لابيز جو حصو آهن، پر وقت اچڻ تي اهي لابيون به کين بچائي نه سگهنديون.فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اهي ماڻهو، جيڪي نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪيسن ۾ ملوث رهيا آهن، مفرور يا اشتهاري رهيا آهن، يا جن تي بدعنواني جا الزام آهن، اهي ۽ انهن جا خاندان به جاچ جي زد ۾ اچي سگهن ٿا. هن دعويٰ ڪئي ته ڪنهن وڏي وزير جي نڪ هيٺان ڪا عورت ارب پتي بڻجي وئي آهي، جڏهن ته ڪنهن حڪومتي شخصيت جو پٽ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي ملڪ به نٿو وڃي سگهي.هن چيو ته ماڻهو انڌا ناهن، سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن. آخر ۾ فيصل واوڊا سياسي منظرنامي بابت اڳڪٿي ڪندي چيو ته، منهنجي نظر ۾ ايندڙ سياسي صورتحال ۾ يا ته سڀ هڪ ئي ڪنٽينر تي بيٺل نظر ايندا يا وري سڀ هڪ ئي ڪنٽينر جي اندر نظر ايندا.ٻئي پاسي سينيٽر فيصل واوڊا صنعت ۽ پيداوار واري وزارت تي آٽو سيڪٽر ۾ 125 ارب رپين جي بي ضابطگين جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته گاڏين جي درآمد نه ٿيڻ سبب حڪومت کي گذريل ستن مهينن دوران 125 ارب رپين جي روينيو جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.ان تي هارون اختر جواب ڏيندي چيو ته اوھان پهرين ڪرپشن جو الزام لڳايو، ۽ هاڻي ان کي روينيو جو نقصان قرار ڏئي رهيا آهيو.”

فيصل واوڊا جا نوان انڪشاف:حڪومتي ڪارڪردگي کان طاقتور مايوس يا ڪو نئون پيغام؟

لاهور(امداد سومرو)فيصل واوڊا کان نئون محاذ ڪنهن کولرايو،؟ سموريون سياسي پارٽيون نشاني تي ڇو آهن؟ڪرپشن  جا ثبوت ۽ فارنزڪ ٿيل وڊيوز موجود هئڻ جون دعوائون اهڙي وقت سامهون آيون آهن، جڏهن اڳ ئي چيو پئي ويو ته جولاءِ کان پوءِ حڪومت جي زوال جو آغاز ٿيندو. ان سان گڏ اهو به تاثر ڏنو ويو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن، خاص طور تي صدر آصف علي زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اٺاويهين آئيني ترميم بابت اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. چيو ويو ته اٺاويهين ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جو وڏو حصو واپس مرڪز حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، معاملو آئيني ترميم کان سواءِ ڪنهن ٻئي  فارمولي سان حل ڪيو ويو ۽ صوبن پنهنجي حصي مان وفاق کي ايترو ناڻو ڏئي ڇڏيو جو هاڻي ڪيترائي صوبا پاڻ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويا آهن. فيصل واوڊا جي اشارن مان لڳي ٿو ته هو پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ جي سياسي حالتن ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو، پر ڪنهن جو نالو واضح طور نه ورتو. فيصل واوڊا اڄ جي دور جو شيخ رشيد بڻجي ويو آهي. ماضي ۾ شيخ رشيد به اهڙيون اڳڪٿيون ڪندو هو، پر گهڻيون صحيح ثابت نه ٿينديون هيون. سوال فيصل واوڊا کان به ٿيڻ گهرجي ها ته اهي فائل ڪنهن تيار ڪيا آهن ۽ هن جو ذريعو ڇا آهي؟ فيصل واوڊا جا اهي بيان ٻن طريقن سان ڏسي سگهجن ٿا. پهريون ته شايد طاقتور حلقا سياستدانن کي اهو پيغام ڏئي رهيا هجن ته اسان وٽ توهان بابت تمام گهڻو مواد موجود آهي, ٻيو ته شايد حڪومت جي ڪارڪردگي بابت وڌندڙ مايوسي ۽ سياسي تبديلين جي بحث ۾ پاڻ کي اهم رکڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ستر سيڪڙو امڪان اهو آهي ته فيصل واوڊا رڳو سياسي بيان بازي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٽيهه سيڪڙو امڪان اهو به ٿي سگهي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور هجي.

 

You might also like