واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل جنگ بندي جي معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان سنگين شڪن جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ”ايڪسيوز“ جي رپورٽ موجب، سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف آمريڪي صدر ۽ اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي ته ڳجهن ادارن جي ڄاڻ مان پتو پئي ٿو ته ايران جا اصل ارادا معاهدي جي واعدن سان هڪجهڙائي نٿا رکن.
رپورٽ موجب، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ به تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، جڏهن ته نائب صدر جي ڊي ونس، خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر معاهدي جا حامي آهن.
وائيٽ هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ انٽيليجنس رپورٽن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ايران جي اندروني ڳالهين ۽ مذاڪراتي موقف ۾ واضح فرق نوٽ ڪيو ويو.
وائيٽ هائوس جي هڪ عملدار جو چوڻ آهي ته هي مفاهمتي يادداشت آمريڪا جي هڙني شرطن کي پورو ڪري ٿي، جنهن تحت ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهندو، نه وڌيڪ رچايل يورينيم رکي سگهندو ۽ نه ئي توانائي جي فراهمي کي يرغمال بڻائي سگهندو.
هن چيو ته صدر ٽرمپ مختلف رايا ٻڌي ٿو، پر فيصلو هن جو ئي هوندو ۽ هو رڳو هڪ بهترين حتمي معاهدي کي ئي قبول ڪندو.
آمريڪي اختيارين موجب، ايران کي ملندڙ سڀ فائدا عملي قدمن سان مشروط آهن، آمريڪا ايندڙ 2 کان 3 هفتن ۾ سمجهي ويندو ته ايران سنجيده آهي يا نه، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ڳالهين وارو عمل روڪيو ويندو.
معاهدي جي تفصيلن موجب،ايران 60 ڏينهن تائين آبناءِ هرمز مان واپاري جهازن جي محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻائيندو ۽ ڪا به فيس نه وٺندو.
آمريڪا پنهنجيون بحري پابنديون مرحليوار 30 ڏينهن ۾ مڪمل طور ختم ڪندو.
ايران ۽ عمان آبناءِ هرمز جي مستقبل جي انتظام بابت حڪمت عملي لاءِ رابطو ڪندا، جنهن ۾ نار ملڪ پڻ شامل هوندا.
حتمي معاهدي ۾ ايران جي نئين سر اڏاوت ۽ اقتصادي ترقي لاءِ 300 ارب ڊالرن جي فنڊ وارو منصوبو شامل هوندو، جيڪو رڳو ايران پاران ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ سان ئي ممڪن هوندو.
ٻئي پاسي سي آءِ اي ۽ پرڏيهي وزارت ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته پينٽاگون طرفان به ڪو جواب ناهي آيو.