ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هلندڙ سال ڊبل ڊيڪر ۽ اليڪٽرڪ (اي وي) بسن جو وڏو انگ ڪراچي پهچي ويندو، جن کي مرحليوار مختلف روٽس تي هلايو ويندو.
هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اي وي بسون ماحول دوست هئڻ سان گڏوگڏ گهٽ خرچ ۾ پُرسڪون سفر فراهم ڪنديون، جڏهن ته وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون شهر جي خوبصورتي ۽ ٽرانسپورٽ ڪلچر کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏينديون.
سينيئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو هي قدم رڳو بسن جي انگ ۾ واڌارو ناهي، پر جديد ڪراچي ڏانهن سفر جي هڪ نئين شروعات آهي.