سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي، ٽنهي بئراجن ۾ کوٽ 40 سيڪڙو تائين پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب فصلن کي پاڻي پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
تازن انگن اکرن موجب، سنڌ جي ٽنهي بئراجن ۾ سراسري طور تي 40 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، ڪوٽڙي بئراج تي سڀ کان وڌيڪ 55 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ آهي.
سکر بئراج تي 38 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي پاڻيءَ جي گهرج 58 هزار ڪيوسڪ آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ رڳو 38 هزار 880 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، گڊو بئراج تي 26 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ آهي.

 

You might also like