اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ جي اڳواڻ لطيف کوسي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته موجوده بجيٽ 18 کرب 70 ارب رپين جي آهي، جنهن ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) لاءِ وصولي جو هدف 15 کرب رکيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل سال اهو 14 کرب هو، پر ان مان به هڪ کرب جو شارٽ فال آيو ۽ وصولي مڪمل نه ٿي سگهي.هن چيو ته قانون واري وزير ايوان ۾ موجود آهن ۽ انهن جي اڳوڻي اطلاعات واري وزير وڪيل برادري تي الزام لڳايو هو ته وڪيلن جي مبينا ملي ڀڳت سبب ٽيڪس وصولي متاثر ٿي ۽ شارٽ فال ٿيو، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت 14 کرب وصول نه ڪري سگهي ته 15 کرب جو هدف ڪيئن پورو ڪندي؟ ان جو مطلب اهو آهي ته وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويندا، جڏهن ته اڳ ئي عوام تي ٽيڪسن جو وڏو بار آهي.هن بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته بار بار “معيشت بچايو، جمهوريت بچايو” جهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، پر حقيقت ۾ هي بجيٽ عوام جي ڀلائي لاءِ ناهي.هن چيو ته بجيٽ “عوام طرفان، عوام لاءِ ۽ عوام جي لاءِ” هجڻ گهرجي، پر هي بجيٽ نه عوام طرفان آهي، نه عوام لاءِ، ۽ نه ئي عوام جي ڀلائي لاءِ آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ 180 سيٽون کٽيندڙ عمران خان جيل ۾ آهي، جڏهن ته 17 سيٽون کٽيندڙ وزيراعظم بڻجي ويو، تنهنڪري هي عوام جو نمائنده نظام ناهي.هن چيو ته ملڪ جي بجيٽ عوام دوست ناهي، بلڪه عوام دشمن آهي ۽ ان ۾ عوام کي ڪو رليف نه ڏنو ويو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ آئين جي اصل روح کي نقصان پهچايو ويو آهي ۽ سياسي انتقام وڌي رهيو آهي، جنهن سان نظام ڪمزور ٿي رهيو آهي۔