پاڪستان واقعي بهترين ملڪ آهي ته پوءِ حڪمرانن پرڏيهه ۾ سيڙپڪاري ڇو ڪئي آهي؟ راجا ناصر عباس

اسلام آباد(بيورو)سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس موجوده بجيٽ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي اها دعويٰ سمجهه کان ٻاهر آهي ته 8 هزار 432 رپيا ماهوار آمدني  وارو ماڻهو غريب ناهي.سينيٽ جي اجلاس ۾ اظهارِ خيال ڪندي هن چيو ته هي ڪهڙي ارسطو چيو آهي ته روزانو 280 رپيا ڪمائيندڙ ماڻهو غريب ناهي؟هن چيو ته حڪومت جي پنهنجي انگن اکرن موجب به 7 ڪروڙ ماڻهو غربت جو شڪار آهن، جڏهن ته هن سال وڌيڪ 2 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن،هن چيو ته ڇا هي بجيٽ عوام جي معاشي خودمختياري جي حفاظت ڪري ٿي؟ ڇا هي بجيٽ اسان کي پرڏيهي معاشي غلبي کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿي يا وري وڌيڪ ان جي ڌٻڻ  ۾ ڌڪي رهي آهي؟هن بجيٽ ۾ پاڪستان جي عوام کي سامهون ئي نه رکيو ويو آهي، ڄڻ ته عوام غير لاڳاپيل هجي.”هر سال ملڪ جي قرضن ۾ واڌ ٿي آهي.هن چيو ته جڏهن اپوزيشن ڳالهه ڪري ٿي ته چيو وڃي ٿو ته اهي ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف آهن، جڏهن ته اسان ادارن يا اسٽيبلشمينٽ خلاف ناهيون.،عمران خان  40 مهينا حڪومت ڪئي، پر باقي 40 سال ڪنهن حڪومت ڪئي؟هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان واقعي بهترين ملڪ آهي، ته پوءِ اسان جي حڪمرانن ٻاهرين ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڇو ڪئي آهي؟”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.