بلوچستان نوگوايريا بڻيل آهي، عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻو پوندو:جان محمد بليدي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)نيشنل پارٽي جي سينيٽر جان محمد بليدي چيو آهي ته 10 ڏينهن کان پ پ ۽ ن ليگ گڏ ويهي بجيٽ جون تياريون ڪري رهيون هيون،اسان سمجهيو پئي ته بجيٽ ۾ عوام،پورهيتن،هارين،شاگردن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هوندو پر وڏو افسوس ٿيو،سينيٽ ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته بجيٽ دير سان آئي پر اها ئي شئي آئي جنهن جي اميد هئي،پاڪستان معاشي بحران جو شڪار آهي،مهانگائي عروج تي آهي،ملڪ قرضن جي بار هيٺ دٻيل آهي،هن چيو ته صورتحال اها ٿي وئي آهي ته ترسيلات زر اسان جي برآمد کان وڌي ويون آهن،بجيٽ ۾ نئين ڳالهه 5 هزار 333 ارب رپين جي نان ٽيڪس روينيو جي اوڳاڙي آهي،اها صوبن سان وڏي  زيادتي آهي،اها ليوي جي مد ۾ ورتي پئي وڃي يا ڪنهن مد ۾ ورتو پيو وڃي بنيادي طور اها صوبن کان ايندڙ آمدني آهي،مڪمل طور ان کي 20 هزار 606 ارب ظاهر ڪرڻ گهرجي ها،هن چيو ته ارڙهين ترميم ۾ صوبن کي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏنا ويا،صوبن کي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار نه پيو ڏنو وڃي،اهو تاثر غلط آهي ته وفاق ئي صوبن کي ڏئي ٿو،20 کرب رپين جي آمدني صوبن جي آهي،اسلام آباد ته ٽيهه چاليهه ڪلوميٽر جو آهي ان جي ڪهڙي آمدني ٿي سگهي ٿي؟ هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته صوبا مرڪز کي هلائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏئي رهيا آهن،هاڻي صوبن کان وڌيڪ فنڊ وفاق لاءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،ڪڏهن نئين ترميم جي ڳالهه ڪري ماڻهن جو ڌيان هٽايو وڃي ٿو،هن چيو ته هڪ آءِ ايم ايف پروگرام مان نڪري ٻئي ۾ وڃڻ جي چڪر ۾ هوندا آهيون،اسان جي حڪومتي ڪارڪردگي ڏسو فخر سان چئون ٿا ته آءِ ايم ايف سان ڊيل ٿيڻ واري آهي،هن چيو ته بيروزگاري وڌي رهي آهي،ٻه ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن،اها صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي،اسان جو ڌيان عوام ڏانهن ناهي،مهانگائي 29 سيڪڙو وڌي آهي ۽ پگهار اسان 7 سيڪڙو وڌائي آهي،هن چيو ته جنگ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿي،تيل جا اگهه اسان وڌائي رهيا آهيون،ان جو ڪو به جواز نٿو بڻجي،اڄ جيڪڏهن جنگ رڪجي وئي آهي ته پيٽرول 150 يا 200 رپيا ليٽر ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته اڄ بلوچستان نوگوايريا بڻيل آهي،سرڪاري رٽ نه هئڻ برابر آهي،ڊي سيز پنهنجي آفيسن تائين محدود آهن،ڪاروبار،اسڪول،ڪاليج بند پيل آهي،حيران آهيان ته حڪومت چوي ٿي ته سڀ ڪجه ٺيڪ آهي،سڀ ڪجهه ٺيڪ ته ريڊزون ۾ به ناهي،حالت اها ٿي وئي آهي جو ريڊزون جي سيڪيورٽي لاءِ قبائلي ماڻهو آندا ويا آهن،بلوچستان ۾ فارم 47 جي حڪومت ويهاري وئي آهي،انهن جو عوام سان ڪو به واسطو ناهي،اهي بنيادي طور جنگي منافعي خور آهن،بلوچستان ۾ لڳل باهه جو انهن کي فائدو ٿي رهيو آهي،اهي پ پ جا ناهن،اهي مسلم ليگ ن جا به ناهن،اتي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آهي،بلوچستان ۾ سنگين نتيجا نڪرندا،اڃا به وقت آهي ته عوام سان ڳالهايو وڃي،عوام جي ميبنڊيٽ جو احترام ٿيڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.