”نوجوان اڳتي اچن پوڙهن کي گهر موڪلن“ اداڪار پرڪاش راج ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي تحريڪ ۾ شامل

بنگلور(ويب ڊيسڪ) نيٽ (NEET) امتحان جي مبينا پيپر ليڪ ۽ بي ضابطگين خلاف جاري احتجاج دوران ڏکڻ هندستان سان تعلق رکندڙ مشهور اداڪار پرڪاش راج بنگلورو ۾ نوجوانن جي مظاهري ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرڪزي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب پنهنجن بيباڪ بيانن سبب مشهور سينيئر اداڪار آچر ڏينهن بنگلورو جي فريڊم پارڪ ۾ ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي بينر هيٺ ٿيل وڏي احتجاجي اجتماع ۾ شامل ٿيا. سخت برسات باوجود وڏي انگ ۾ گڏ ٿيل نوجوانن نيٽ امتحان ۾ مبينا بي ضابطگين ۽ پيپر ليڪ جي واقعن تي مرڪزي وزير تعليم جي استعيفا جو مطالبو ڪيو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ پرڪاش راج، مشهور سماجي ڪارڪن سونم وينگچڪ سان گڏ بيٺل نظر آيا. احتجاج۾ هن خطاب ڪندي چيو ته چونڊيل نمائندن کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي، جڏهن ته ملڪ جو نوجوان پنهنجي مستقبل لاءِ پاڻ روڊن تي نڪري آيو آهي.

پرڪاش راج وڌيڪ چيو ته نوجوان پنهنجي خوابن ۽ مستقبل جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ هو هن پرامن احتجاج جي مڪمل حمايت ڪن ٿا. هن بزرگ سياسي اڳواڻن تي به تنقيد ڪندي چيو ته هاڻي نوجوانن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.

ملڪ گير احتجاج دوران ڪاڪروچ جنتا پارٽي طرفان مرڪزي وزير تعليم جي استعيفا جو مطالبو ورجايو ويو. سوشل ميڊيا تان شروع ٿيندڙ هي مهم هاڻي هندستان جي مختلف شهرن تائين پکڙجي چڪي آهي. رپورٽن موجب دهلي، پوني، لکنؤ ۽ امرتسر سميت مختلف هنڌن تي به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تنظيم اعلان ڪيو آهي ته مطالبا منظور نه ٿيڻ تائين پرامن احتجاج جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.