مون کي نٿو لڳي ته وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ٿي سگهندي:عارف حبيب

ڪراچي (رپورٽر) مشهور سيڙپڪار عارف حبيب چيو آهي ته مون کي نٿو لڳي ته حڪومت جي موجوده قدمن سان فوري طور ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهندي يا وڏي پيماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي، خانگي ٽي وي پروگرام ۾ بجيٽ کان پوءِ معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي عارف حبيب چيو ته توانائي جي وڌندڙ قيمتن سبب پرڏيهي ۽ مقامي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري  ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٽيڪسن جي شرح به اڃا تائين وڌيڪ آهي، هن سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ سبب روزگار جا نوان موقعا به پيدا نٿا نه پيا ٿين، برآمد ۾ واڌ آڻڻ لاءِ حڪومت کي توانائي جي قيمتن ۽ ٽيڪسن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻي پوندي، عارف حبيب چيو ته حڪومت وٽ ان حوالي سان گنجائش موجود آهي، پر هڪ اهم مسئلو اهو به آهي ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح گهربل سطح تائين نه پهچي رهي آهي، جنهن بابت  آءِ ايم ايف پڻ بار بار نشاندهي ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته حڪومت بجيٽ تيار ڪرڻ دوران مختلف اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا ۽ پگهاردار طبقي ۽ برآمد ڪندڙن کي ڪجهه رليف پڻ فراهم ڪيو، جڏهن ته آءِ ايم ايف کي به اعتماد ۾ ورتو ويو. سندس مطابق حڪومت تعميراتي شعبي جي سهائتا ڪري رهي آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته ملڪ جي معاشي حالتن ۾ بهتري ڪيتري تيزي سان ايندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.