اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا دعوا ڪئي آهي ته ايران پنهنجي انتهائي افزودا يورينيم جي ذخيرن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ غيرمعمولي قدم کنيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب، آمريڪي انٽيليجنس سان لاڳاپيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران زيرزمين ايٽمي تنصيبات کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن تائين پهچڻ وارن رستن تي بارودي سرنگون به نصب ڪيون آهن.
خابرو اداري جي رپورٽ موجب تازن هفتن دوران ايران ڪجهه زيرزمين سرنگن کي بند يا تباهه ڪيو آهي، جنهن سبب لڳ ڀڳ اڌ ٽن انتهائي افزودا يورينيم تائين رسائي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکي، خطري واري ۽ وقت وٺندڙ بڻجي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي اندازن مطابق هن مواد جو وڏو حصو اسفحان نيوڪلير فيسلٽي جي تباهه ٿيل زيرزمين سرنگن ۾ موجود آهي، جڏهن ته ڪجهه مقدار ٻين هنڌن تي پڻ محفوظ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مئي جي وچ ڌاري آمريڪي فوج هن جوهري مواد تي قبضي لاءِ هڪ آپريشن جي تياري ڪئي هئي، پر ان کي انتهائي خطري وارو قرار ڏئي ملتوي ڪيو ويو. ذريعن موجب ان کانپوءِ ايران انهن هنڌن جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي.