واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري مارڪو روبيو جو ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن آبناءِ هرمز جي تازن واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
بيان موجب، مارڪو روبيو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورن واپاري جهازن کي فوري طور تي آمريڪي فوج جي هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته آمريڪا آبناءِ هرمز ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
مارڪو روبيو واضح ڪيو ته آمريڪي ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ۽ ايراني تيل جي غير قانوني ٽرانسپورٽ کي برداشت نه ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ”هن مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه دوران نار ۾ آمريڪي بحريه جي حملن تي ڀارت جو سخت احتجاجي موقف ورجايو، جنهن ۾ ٽي ڀارتي ملاح مارجي ويا هئا.“
هن چيو ته ”واپاري جهازن خلاف اهڙن انتهائي قدمن جو ڪو به جواز ناهي.“
ياد رهي ته ڀارت عماني سامونڊي پٽي ويجهو هڪ آئل ٽينڪر تي آمريڪي حملي ۾ ٽن ڀارتي ملاحن جي مارجڻ تي آمريڪي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
ان واقعي کانپوءِ مودي سرڪار کي پنهنجي ملڪ ۾ مخالف ڌر پاران سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.