سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لازمي قرار، پي سي بي چيئرمين پاران نين پاليسين جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ جاري ريڊ بال ڪئمپ جو دورو ڪيو، جتي هن رانديگرن ۽ ڪوچز سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ سڌارن لاءِ نئين پاليسين تي ڪم مڪمل ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته رانديگرن جي چونڊ واري نظام کي ڪمپيوٽرائيزڊ بڻايو پيو وڃي ته جيئن انساني مداخلت گهٽ ٿئي ۽ 85 سيڪڙو فيصلا ڊيٽا، فٽنس ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيندا.
پي سي بي چيئرمين موجب، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ 5 ڪيٽيگريز متعارف ڪرايون پيون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ ميچ فيس وڌائي پئي وڃي، ٽيسٽ ڪپتاني جو فيصلو لاڳاپيل ٽيم ۽ سليڪشن اختياريون ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.