فيفا ورلڊ ڪپ: انگلينڊ جي ٽيم کي وڏو جهٽڪو، چور رانديگرن جو سامان ٻهاري ويا

ڪنساس سٽي (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي افتتاحي ميچ کان اڳ انگلينڊ جي فٽبال ٽيم سان چوري جي واردات ٿي آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، ڪنساس سٽي جي سووپ ساڪر سٽي ۾ رانديگرن جو سامان کڻندڙ گاڏي جا تالا ٽوڙي سامان چوري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ رانديگرن جا ٽريننگ بوٽ ۽ فٽبال شامل ٿي سگهن ٿا.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو آهي ته فٽبال ايسوسيئيشن چوري ٿيل سامان جي تفصيلن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ٽيم جي پهچڻ کان اڳ سندن سامان ڪنساس سٽي پهچڻو هو، جڏهن ته انگلش ٽيم جو ڪوچ ۽ رانديگر ڇنڇر تي ڪنساس سٽي پهچندا.
برطانوي ميڊيا موجب، پوليس فٽبال ايسوسيئيشن سان رابطي ۾ آهي ۽ معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته چوري جي شڪ ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.
رپورٽن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن چوري جي ڪري انگلينڊ جي ڪروشيا خلاف ميچ جي تياريون متاثر ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انگلينڊ جي ٽيم آچر تي پنهنجو پهريون ٽريننگ سيشن ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.