سيوهڻ/ ڀان سيد آباد (عوامي آواز نيوز) ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ سڪي وئي، پاڻي نه هجڻ سبب منڇر ڍنڍ ٻه ڪلو ميٽرن تائين بنجر زمين جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي، گڏيل ڪيل رپورٽن موجب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب مڇيءَ جو نسل به ختم ٿي ويو، مهاڻا بک ۽ بدحاليءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب پاڻي سطح 104آر ايل يعني 4 ٿي وئي، منڇر توڙي ڀرپاسي جون زمينون به بنجر ٿيڻ لڳيون، آبادگار فاقاڪشي ۾ مبتلا. ٿي ويا، منڇر جي 150000 ڏيڍ لک انساني آبادي پيئڻ توڙي زرعي پاڻي کان محروم ٿي وئي، پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، پاڻي جي شديد کوٽ سبب ڍنڍ لڳ ڀڳ 2 ڪلوميٽر تائين سُڪي وئي آهي، جنهن ڪري آبي جيوت، مهاڻن ۽ مقامي آبادي جي روزگار کي سخت خطرا وڌي ويا آهن، ماهرن موجب جيڪڏهن منڇر ڍنڍ ڏانهن پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته ماحولياتي تباهي سان گڏ هزارين خاندانن جي معيشت به متاثر ٿي سگهي ٿي، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ کي هٿ سان بنجر بڻايو ويو آهي، منڇر ڍنڍ ڏسو سڪي وئي آهي، هتان جي ماڻهن کي ڪنگال ڪيو ويو آهي، هٿ سان منڇر ڍنڍ کي سڪايو ويو آهي، حڪومت کان فوري قدم کڻڻ ۽ ڍنڍ کي بچائڻ لاءِ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.