حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان تحريڪ جي آغاز جي پھرين ڏينهن سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ ھينڊل بل ورھايا ويا مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ نسيم ننگر چوڪ کان پيادل مارچ ڪري علي پيلس تائين ڪيو ويو، مارچ جي اڳواڻي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، معشوق چانڊيو، نور حسن جمالي، خير جان چانڊيو، راجا چانڊيو، بابو سولنگي، راول سيال، چيتن ڪمار ۽ ٻين ڪئي. ڪراچي اوڀر ۾ مرڪزي اڳواڻ فرحان لاڙڪ، ڪاشف خاصخيلي، ارسلان منگي، مقصود سومرو ۽ قدم عباسي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانپوءِ شھر جي بازار ۾ پيادل مارچ ڪري شھرين ۾ ھينڊ بل ورھايا. ڊگھڙي ۾ انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي، منير نوحاڻي، سوڍو نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ مٽياري ۾ فضا ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ سجاد بروھي، ارسلا بھلڪاڻي ،ڳڙھي خيرو ۾ جاويد جمالي عمرڪوٽ ۾اعجاز مڱريو ٽنڊو باگو ۾ يار محمد شاھ ، حسين درس، بلاول پٺاڻ، راجا ڪولھي، راجا ڀيل، اعجاز چانڊيو، احسان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو.ان موقعي تي نظير بليدي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب سارين جو ٻيجارو سميت ٻيا فصل سڪي ۽ سڙي رھيا آھن پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. 28ھين آئيني ترميم سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ملڪ دشمن سازش ڪئي وئي آھي. زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻھن کي سياست کان لاتعلق ڪرڻ جي سازش طور قبيلائي سوچ، انتهاپسندي، منشيات ۽ ڏوھن جو راڄ قائم ڪيو ويو آھي. ڪوٽڙي بئراج تي 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي. الطاف خاصخيلي چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ جا وسيلا گھرجن، سنڌ جي ماڻھن لاءِ انھن وٽ ڪو به پروگرام ناھي. نصرت خاصخيلي چيو ته سنڌ کي عورتن ۽ اقليتن لاءِ مقتل گاھ بنايو ويو آھي،ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلزپارٽي ۽ ٻين سنڌ دشمن قوتون کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ سنڍ ناهي ٿي. سنڌي ماڻھو پنھنجي وطن، درياھ، وسيلن جي مالڪي کي بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم آهن پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھنن سنڌ ۾ بادشاھت قائم ڪري ڇڏي آهي