سون وري هزارين رپيا چڙهي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ 2800 رپين کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2830 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 55 هزار 63 رپين ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2547 رپيا واڌ بعد 3 لک 89 هزار 543 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس جي سون جي قيمت 28 ڊالر اضافي سان 4326 ڊالر تي پهچي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن في تولو سون 3 هزار 94 رپيا سستو ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.