اسٽاڪ هوم(ويب ڊيسڪ) اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ايس آءِ پي آر آءِ ) پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي موجوده صورتحال، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جوهري مقابلي ۽ عالمي سطح تي وڌندڙ جنگي خطرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايل تفصيلن موجب جنوري 2026 تائين ڀارت وٽ اٽڪل 190 ۽ پاڪستان وٽ 170 ايٽمي وار هيڊز موجود هئا. جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن وٽ زمين، فضا ۽ سمنڊ مان ايٽمي حملو ڪرڻ جي صلاحيت يعني ”نيوڪليئر ٽرائڊ“ موجود آهي ۽ ان ۾ وسعت به آندي پئي وڃي، پر ٻنهي جي جنگي حڪمت عملي ۾ واضح فرق آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته روس 4 هزار 380 ۽ آمريڪا 3 هزار 700 وار هيڊز سان سر فهرست آهن، جڏهن ته چين وٽ 620 ۽ فرانس وٽ 290 هٿيار آهن.
ان کانسواءِ برطانيا 225، اسرائيل اٽڪل 90 ۽ اتر ڪوريا 60 وار هيڊز جا مالڪ آهن.
رپورٽ ۾ جيڪي انگ اکر ڄاڻايا ويا آهن تن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي پنهنجن جوهري پروگرامن کي تيزيءَ سان وڌائي رهيا آهن.
رپورٽ ۾ اهو خبردار ڪيو ويو آهي ته ايٽمي ڪمانڊ سسٽم ۾ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي(اَي آءِ ) جو وڌندڙ استعمال غير يقيني صورتحال جي هڪ لهر پيدا ڪري رهيو آهي جيڪو سڄي دنيا لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي.