گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي، پيپلز پارٽي جو آزاد اميدوارن سان رابطن جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ اڪثريتي پارٽي طور اُڀري اچڻ کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گلگت بلتستان جو دورو متوقع آهي، جنهن دوران هو حڪومت سازي جي عمل کي تيز ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ آزاد حيثيت سان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي پاڻ سان گڏائي حڪومت ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿي.
ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري نديم افضل چن ٻڌايو ته هن وقت تائين حتمي فيصلو ناهي ٿيو، پر پارٽي جي ڪوشش هوندي ته آزاد اميدوارن کي اعتماد ۾ وٺي کين پاڻ سان شامل ڪيو وڃي.
ياد رهي ته گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن، جنهن ڪري سندن پوزيشن حڪومت ٺاهڻ لاءِ مضبوط آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.