واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ انٽرويو دوران سخت سوالن کي منهن ڏيڻ کانپوءِ پروگرام ڇڏي هليو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي وائرل ٿي رهي آهي.آمريڪي نيوز چينل اين بي سي نيوز چئنل جي پروگرام "ميٽ دي پريس” کي ڏنل هڪ انٽرويو اوچتو ختم ڪيو ويو، جڏهن ميزبان ڪرسٽين ويلڪر ڪيليفورنيا جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي بابت سندس دعوائن جا ثبوت طلب ڪيا. ٽرمپ ڪيليفورنيا ۾ ووٽن جي ڳڻپ جي عمل تي تنقيد ڪندي چيو ته چار ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين نتيجن جي ويجهو به نه پهتا آهن.ان تي ڪرسٽن ويلڪر چيو ته ڪيليفورنيا ۾ ووٽن جي ڊگهي ڳڻپ رياست جي قائم ٿيل چونڊي نظام جو حصو آهي.ٽرمپ هن دير کي بي ضابطگين جو ثبوت قرار ڏيندي چيو ته، "ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته اهي ائين ڇو ڪري رهيا آهن؟ ڇاڪاڻ ته اهي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري رهيا آهن.” ٽرمپ ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ۽ ان جي بدران سوال ڪيو ته ڇا ووٽنگ کان ڪيترائي ڏينهن پوءِ به ڳڻپ جاري رهڻ مناسب آهي؟ بعد ۾ ڳالهه ٻولهه ميڊيا تي تنقيد ڏانهن مڙي وئي. ٽرمپ ڪيليفورنيا جي چونڊ عملدارن کي بدعنوان قرار ڏنو ۽ پنهنجي تنقيد جو رخ ويلڪر سميت ڪيترن ئي ميڊيا ادارن ڏانهن به موڙي ڇڏيو.هن چيو ته اهي هڪ طرفا ۽ بدعنوان آهن، بلڪل اهڙي طرح جيئن توهان بدعنوان آهيو، توهان جو پريس بدعنوان آهي ۽ "ميٽ دي پريس” به بدعنوان آهي.صدر ٽرمپ اهو به چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي معاملي ۾ آمريڪا ٽئين دنيا جي ملڪ وانگر نظر اچي ٿو. ان تي ويلڪر جواب ڏنو ته انصاف سان ڏٺو وڃي ته مان بدعنوان نه آهيان،ٽرمپ جواب ۾ چيو ته، "يا ته توهان بدعنوان آهيو يا وري بيوقوف.”هن وڌيڪ الزام لڳايو ته CNN سي اين اين،اي بي سي نيوز،سي بي ايس ۽ ٻيا ميڊيا ادارا جانبداراڻو رويو اختيار ڪن ٿا. ڳالهه ٻولهه ۾ گرما گرمي وڌڻ کانپوءِ ٽرمپ انٽرويو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو، "معاف ڪجو، هاڻي هتي ئي ان کي ختم ڪريون ٿا.”ان کانپوءِ صدر ٽرمپ پنهنجو مائڪروفون لاهي زمين تي اڇلائي ڇڏيو.