ڄامشورو(رپورٽ:راجا انور چانڊيو)سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڄامشورو ۾ جي ايم سيد ايڊيفيس تي ڪنوينر سيد زين شاھ جي صدارت ۾ ٿي گذريو.اجلاس ۽ ملڪي صورتحال ۽ سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهھ تي اتفاق ڪيو ويو ته متوقع 28هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي ساحل وسائل، وحدت، ناڻي ۽ درياھ تي ڪنهن به قسم جو حملو ڪيو ويو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي کي سنڌ جي وسيلن زمينن، پاڻي ۽ ٻين قومي مفادن جي نيلامي خاطر ڊگهو اقتدار ڏنو ويو آهي جنهن سبب 25 هزار ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي تنهن جي باوجود به انهن کي احتساب کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.اجلاس ۾ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ته سنڌ اندر اڻ اعلانيل مارشلا مڙهي پريس ڪلبن، بار ڪائونسلن تي ڪنٽرول ۽ سياسي سرگرمين تي بندش وجهي سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪاروائيون ڪيون پيون وڃن جيئن ڪو به سياسي اڳواڻ ملڪ اندر ٿيندڙ ناانصافين خلاف يا قومي حقن جي لاءِ آواز نه اٿاري سگهي. جنهن جي شروعات سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سمورن اڳواڻن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آرز داخل ڪري ھراسمينٽ ڪرڻ ۽ هاڻي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو کي معاشي نقصان پهچائڻ لاءِ سندس پيٽرول پمپ ڊاهڻ سان ڪئي وئي آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. سنڌ اندر بدترين لوڊشيڊنگ جي ڪري ٻارڻ جي گئس ۽ بجليءَ جي لاءِ عوام تڙپي رهيو آهي پر سنڌ جي گئس ۽ بجليءَ جي پيداور وفاق حوالي ڪري سنڌ کي گئس ۽ بجليءَ کان محروم رکيو ويو آهي.اجلاس ۾ هن وقت سنڌ اندر پاڻيءَ جي شديد کوٽ تي ڳڻتيء جو اظهار ڪندي چيو ويو ته 1991 جي پاڻيءَ جي معاهدي جي ڀڃڪڙي جاري آهي، ڊئمن ۾ پاڻي موجود هجڻ باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.اجلاس ۾ سنڌ اندر ميرٽ جي لتاڙ نوڪرن جو وڪرو ۽ سفارشي ڪلچر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ ان جو ذميوار پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سمورن امتحانن جي نتيجن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون واپس ورتيون وڃن ڇاڪاڻ ته انهن آئيني ترميمن جي ذريعي عدالتي نظام ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ پيڪا ايڪٽ جي ذريعي آزاد صحافت جو آواز دٻايو ويو آهي جيڪو غير آئيني ۽ غير جمهوري عمل آهي.اجلاس ۾ پاڻيءَ جي ماهر انجنيئر ﷲ اوڀايو خشڪ جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي 2 منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.اجلاس ۾ بلوچستان مان اغوا ٿيل سعيد ميمڻ جي بازيابيءَ جي گهر ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته سندس بازيابي لاءِ سنجيده ڪوششون ورتيون وڃن.اجلاس ۾ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر جي لاءِ سيد زين شاھ تي اعتماد ڪندي کيس ٻيهر ڇهن مهينن جي لاءِ ڪنوينر چونڊيو ويو آهي.اجلاس ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ قومي ڪانفرنسون جو جائزو ورتو ويو جنھن جو سلسلو جاري رکندي حيدرآباد ۾ سنڌ صوفي فورم جي ميزبانيءَ ۾ 18 جون تي قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي جڏهن ته 2 جولائي تي دادو ۾ عوامي جمهوري پارٽيءَ جي ميزبانيءَ ۾ 16 جولائي تي سانگهڙ ۾ نيشنل پارٽيءَ جي ميزبانيءَ ۾ قومي ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون.اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم شھيد بشير خان قريشي جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پورهيت مزاحمت جي صدر سيد مسرور شاھ، عوامي جمهوري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري سيد لال شاھ، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، جيئي سنڌ محاذ جي صدر پروفيسر آدم ٻٽ، سنڌ صوفي فورم جي آرگنائيزر ڊاڪٽر بدر چنا، علامه اياز قمي، منير نائچ ۽ روشن علي ٻرڙو شرڪت ڪئي.