صدر ۽ وزيراعظم جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ اهم سياسي اڳڀرائي ٿي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي بجٽ واري معاملي تي حڪومت سان سهڪار جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري سان گرمجوشيءَ سان ڀاڪر پائي مليو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ مهم کي ساراهيو ۽ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس وڌايون پڻ ڏنيون.
وزيراعظم صدر ڳالهائيندي چيو ته ”بلاول ڀٽو زرداري نوجوان آهي، هن نوجوانن تائين بهترين انداز ۾ پنهنجو پيغام پهچايو آهي، آخر پٽ ڪنهن جو آهي.“
ذريعن موجب، ملاقات دوران وزيراعظم بجيٽ بابت پيپلز پارٽي جون ڪيتريون ئي تجويزون قبول ڪري ورتيون آهن، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي حڪومت سان بجيٽ ۾ سهڪار تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ بابت صلاح مشوري جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.