ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ سڀاڻي کان 12 جون تائين شديد گرمي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جي ترجمان موجب، اڄ ڪراچي ۾ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته هوائن جي رفتار گهٽ هجڻ سبب ٻوسٽ محسوس ٿي سگهي ٿي.
ترجمان موجب، سڀاڻي کان 12 جون دوران پارو 39 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو خدشو آهي ۽ ان دوران محسوس ڪيل گرمي پد اصل گرمي پد کان 8 کان 10 ڊگري وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته سامونڊي هوائن سبب هوا ۾ گهم جو تناسب 50 سيڪڙو کان گهٽ ناهي ٿي رهيو، جنهن ڪري گرمي وڌيڪ محسوس ٿيندي.
احتياطي اپاءَ:
موسميات کاتي پاران شهرين لاءِ جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته گهڻي پگهر اچڻ سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو خدشو وڌي وڃي ٿو، تنهنڪري شهري هيٺين تدبيرن تي عمل ڪن:
ٻاهر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪيل رکن.
پاڻي جو استعمال وڌيڪ ڪن.
صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين غير ضروري طور کلي آسمان هيٺ وڃڻ کان پاسو ڪن.
موسميات کاتي جي ترجمان موجب بحرالڪاهل ۾ ”ال نينو“سسٽم ٺهي چڪو آهي، جنهن جي تصديق ايندڙ ٻن هفتن ۾ ٿي ويندي ته ڇا اسان ان فيز ۾ داخل ٿي چڪا آهيون يا نه، ان فيز جي ڪري پاڪستان ۾ چوماسي برساتن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ به معمول کان گهٽ برساتن جو امڪان آهي.