اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي اڪثريت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
وزيراعظم گلگت بلتستان جي عوام کي به پرامن چونڊن تي واڌايون ڏنيون آهن.
وزيراعظم چيو ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ اڪثريتي سياسي جماعت طور سامهون آئي آهي، پيپلز پارٽي مبارڪباد جي حقدار آهي. هن صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد پيش ڪئي.
هن چيو ته ن ليگ جي ڪامياب اميدوارن کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جن سٺو مقابلو ڪيو. ن ليگ جي ٽيم ڀرپور محنت ڪئي، مان کين شاباشي ڏيان ٿو.
وزيراعظم چيو ته سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ تي گلگت بلتستان جا عوام به جس لهڻي، پرامن ۽ شفاف چونڊون ۽ سياسي سرگرميون جمهوريت جو حسن آهن.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف ۽ اڻڌرين چونڊن کي يقيني بڻايو، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي.
وزيراعظم موجب، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به پرامن چونڊون ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
واضح رهي ته گلگت بلتستان اسيمبلي لاءِ پولنگ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو سلسلو جاري آهي، جنهن موجب هينئر تائين پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ 9 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي.