اِها ميچ هڪ اهڙي دوستاڻي ميچ جهڙي هئي، جيڪا آسانيءَ سان يادگيريءَ مان نڪري سگهي پئي، اها 20 آگست 2003 جي رات هئي ۽ سيزن جي شروعات ۾ پرتگال ۽ قازقستان جون ٽيمون پرتگال جي اترئين شهر شاوِش ۾ آمهون سامهون هيون.
هي مقابلو اٺ هزار تماشائين سان ڀريل اسٽيڊيم ۾ ٿيو ۽ ميدان جي حالت ايڏي خراب هئي جو ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ گاهه کي رنگ ڪرڻو پيو.
پرتگال اِها ميچ ميچ هڪ ٻُڙي تان کٽي ۽ اها هڪ اهڙي فتح هئي جيڪا ايندڙ سالن دوران ماڻهن جي ذهنن منجهه محفوظ به نه رهي ها جيڪڏهن ڪرسٽيانو رونالڊو پرتگال لاءِ پنهنجي پهرين ميچ نه کيڏي رهيو هجي ها.
تنهن وقت اهوسوچيو به نه هوندو ته پرتگال جي علائقي ماديرا سان واسطو رکندڙ هيءُ 18 ورهين جو ڇوڪرو رڳو ٽن سالن کانپوءِ عالمي ڪپ ۾ ڊيبيو ڪندو ۽ اهو ته ڪنهن جي ذهن ۾ به نه هو ته هو سال 2026 ۾ رڪارڊ ڇهين ورلڊ ڪپ ۾ پرتگال جي نمائندگي به ڪندو.
رونالڊو فٽبال جي عالمي مقابلن ۾ 143 گول اسڪور ڪري تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر آهي.
هن پرتگال جي ٽيم کي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي ۽ ان جي سوچ کي اهڙي نموني بدلائي آهي جنهن جو ماضيءَ ۾ مثال نه ٿو ملي.
رونالڊو سان ڪم ڪندڙ فٽبال ڪوچ زوان آروشو برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته پرتگال هڪ ننڍڙو ملڪ آهي جنهن جي عالمي سطح تي سڃاڻپ فٽبال ئي آهي ۽ اها سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ رونالڊو جو اهم ڪردار آهي.
گذريل پنجن ورلڊ ڪپ مقابلن جيان آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ هلندڙ مهيني شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ به 41 سالن جو رونالڊو پرتگالي قوم جي اميدن ۽ نگاهن جو مرڪز ۽ هڪ وڏي سپر اسٽار طور ئي ميدان ۾ لهندو.
جيتوڻيڪ 2022 ۾ قطر ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم ۾ سندس موجودگيءَ تي سوال اُٿاريا ويا هئا.
ڪوارٽر فائنل ۾ پرتگال کي مراڪش هٿان هڪ ٻُڙي تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو ۽ رونالڊو آلين اکين ساڻ ميدان کان ٻاهر ويو هو.
هڪ ڊگهي عرصي تائين رونالڊو جي ٽيم ۾ جاءِ تي سوال اٿارڻ اٽڪل غداري سمجهيو ويندو هو. پر هاڻي ائين ناهي.
1966 واري ورلڊ ڪپ ۾ پرتگالي ٽيم جو حصو رهندڙ انتونيو سيموز جو چوڻ آهي ته ”هو کٽڻ لاءِ نٿو کيڏي، هو نظر رهڻ لاءِ کيڏي ٿو. مان سندس خلاف ناهيان، پر مان حقيقت کان اکيون نٿو ڦيرائي سگهان.“
ٻئي پاسي پرتگال جي ڪوچ روبرٽو مارٽينيز رونالڊو بابت بحث کي ”لفٽ ٽاڪ“ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته ”اسان تاريخ جي عظيم ترين رانديگر بابت ڳالهائي رهيا آهيون، هو هتي ان ڪري آهي جو هو هاڻي به ٽاپ ليول جي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته هن ماضيءَ ۾ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو آهي.“
پنهنجي پنجين ورلڊ ڪپس ۾ گول ڪرڻ کانپوءِ رونالڊو کي ميدان ۾ نقادن کي جواب ڏيڻ جو هڪ ٻيو موقعو ملندو.
سعودي ڪلب النصر نمائندگي ڪندڙ هن عظيم فٽبال جي نالي ورلڊ ڪپ ۾ اٺ گول آهن، هم وطن يوسيبيو جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ کيس هڪ گول گهرجي، پر آخري هدف واضح آهي، پرتگال کي پهرين ڀيرو ٽرافي کٽرائڻي آهي.
رونالڊو پهرين ئي تصديق ڪري چڪو آهي ته هي سندس آخري ورلڊ ڪپ هوندو. جيتوڻيڪ هو جسماني طور تي هاڻي پنهنجي عروج واري سطح تي ناهي رهيو، پر ان ڳالهه ۾ ڪنهن کي شڪ ناهي ته 17 جون تي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو خلاف ميچ جي شروعات تي پرتگال جي ٽيم هن تي ئي ڀاڙيندي.
اڳوڻي پرتگالي رانديگر ايبل زاوئير موجب، ”ڪرسٽيانو وڏن موقعن کي فٽبال ۾ لڳ ڀڳ هر ڪنهن کان بهتر سمجهي ٿو، اهو تجربو ورلڊ ڪپ ۾ فيصلائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.“
سندس چوڻ هو ته هن موجودگي گهڻي اهم آهي، ماڻهو جسماني پاسي تي ڌيان ڏين ٿا، پر راند جو هڪ ٽيڪنيڪلي پاسو به آهي ۽ خاص طور تي ذهني پاسو، نوجوان رانديگر ڏانهنس واجهائن ٿا ۽ هو هميشه ٽيم کي ڪجهه نه ڪجهه ڏئي ٿو.
پرتگال جي اڳوڻي گول ڪيپر رڪارڊو، جيڪو 2003 ۾ رونالڊو جي بين الاقوامي ڊيبيو وقت ميدان ۾ موجود هو ۽ هاڻ قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جو حصو آهي، هو زاوئير سان ملندڙ جلندڙ راءِ رکي ٿو.
هن جو چوڻ آهي ته ”رونالڊو جي رفتار اڳ جهڙي ناهي رهي، پر هاڻ به هو ڏاڍو تيز ڊوڙي ٿو ۽ جيستائين جسماني، فني ۽ ذهني خوبيون موجود آهن هو هڪ تباهه ڪندڙ قوت ۽ مخالف ٽيمن لاءِ خطرو آهي.“
مارٽينيز جي ڪوچنگ ۾ رونالڊو 39 ميچن مان 31 ۾ شرڪت ڪئي آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي سندس غير موجودگي انجري يا معطليءَ سبب رهي آهي.
پرتگال ساڳئي عرصي دوران پنهنجي سڀ کان وڏي فتح انهن ئي ميچن ۾ حاصل ڪئي جن ۾ رونالڊو شامل نه هو، جنهن ۾ سيپٽمبر 2023 ۾ فارو ۾ لڪسمبرگ خلاف 9-0 جي تاريخي فتح به هڪ آهي.
هڪ اهڙي فٽبالر کي سنڀالڻ جيڪو هڪ آئيڪن بڻجي چڪو هجي، ڪڏهن به سولو ناهي هوندو.
فرننڊو سانتوس اِها ڳالهه ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو ته ته 2022 ۾ رونالڊو کي بينچ تي ويهارڻ کانپوءِ تڏوهڪي پرتگالي ٽيم مئنيجر کي رونالڊو جي گهر ڀاتين طرفان سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل جو منهن ڏسڻو پيو ۽ هو ڪجهه ئي عرصي بعد پنهنجي عهدي کان ڌار ٿي ويو.
هن سال جي شروعات ۾ جڏهن ان کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن هو هن اونهاري ۾ اهڙو ڪو فيصلو ڪري ته ڇا هو ساڳئي انجام کان ڊنل آهي، مارٽينيز ان خدشي کي گهٽ اهميت ڏني.
ملڪ ۾ رونالڊو جي اثر رسوخ جي اِها صورتحال آهي جو پرتگالي فٽبال فيڊريشن جي صدر پيڊرو پروئنسا کي هڪ انٽرويو ۾ اها وضاحت ڪرڻي پئي ته جيڪڏهن مارٽينيز عهدو ڇڏي ڏئي ته ڇا رونالڊو پرتگال جي ايندڙ ڪوچ جي چونڊ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪندو؟ پروئنسا ان جي ترديد ڪئي.
رونالڊو جي ڪمپني ”سِي آر سيون، اَي وِي اَي“ ۽ پرتگالي فٽبال فيڊريشن جي وچ ۾ ڀائيواريءَ به مفادن جي ٽڪراءَ تي بحث ڇيڙي ڇڏيو هو.
فٽبال فيڊريشن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اها ڀائيواري سڀني لاڳو ضابطن تي پورو لهي ٿي ۽ رونالڊو جي ڪپتان طور ۽ قومي ٽيم جي رانديگر جي حوالي سان ڪنهن مفادن جي ٽڪراءَ جو ڪارڻ ناهي.
فٽبال فيڊريشن جو چوڻ هو ته ان ڀائيواريءَ جي معاهدي ۾ رونالڊو ڳالهين ۾ شامل نه هو ۽ اهو سڄو عمل سندس ڪمپنيءَ جي انتظاميا سان طئي ٿيو.
رونالڊو هاڻ پنهنجي ڪيريئر جي پڄاڻيءَ جي ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ اِهو بحث پڻ ٿي رهيو آهي ته فٽبال فيڊريشن هن کانپوءِ واري زندگيءَ بابت ڪيتري تيار آهي.
مئي ۾ پرتگال فٽبال فيڊريشن بجيٽ منظور ڪئي هئي جنهن ۾ 16 ڪروڙ يورو جي رڪارڊ آمدنيءَ جي اڳڪٿي ڪئي وئي.
پيڊرو پروئنسا هڪ تازي تقريب دوران چيو ته ڪرسٽيانو هميشه فيڊريشن سان نه پر ملڪ طور پرتگال سان لازمي طور تي جڙيل رهندو. سندس چوڻ هو ته فٽبال فيڊريشن پنهنجي حال ۽ مستقبل لاءِ تياري ڪئي آهي، يقينن اسان ڄاڻون ٿا ته ڪرسٽيانو جي ڪيتري اهميت آهي، ڇو ته ٻئي برانڊز هڪ ٻئي سان واڳيل آهن.
شاوِش جي ان رات کي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود به هي فارورڊ پرتگالي فٽبال جي مرڪز ۾ موجود آهي، هاڻ هڪ آخري ورلڊ ڪپ سندس منتظر آهي.
عظيم ترين رانديگر يا ٽيم تي ٻوجهه ؟ رونالڊو جي ورلڊ ڪپ ۾ شموليت تي سواليا اُٿڻ لڳا
You might also like