واٽس ايپ پنهنجي واهپيدارن جي سهولت لاءِ چيٽ آرگنائيز ڪرڻ واري هڪ اهم فيچر ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هن نئين فيچر سان واهپيدار آرڪائيوز ۽ لاڪڊ چيٽس لاءِ الڳ لسٽون تيار ڪري سگهندا.
هن فيچر جو مقصد واهپيدارن جي تجربي کي وڌيڪ بهتر ۽ رابطن واري عمل کي اثرائتو بڻائڻ آهي.
هن وقت هي فيچر واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ نئين بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪسٽم لسٽس جو فيچر نومبر 2024 کان دستياب آهي، جنهن جي مدد سان واهپيدار چيٽ فلٽرز ٺاهي پنهنجي پسند جي ماڻهن يا گروپن کي شامل ڪري سگهن ٿا.
هاڻ ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي، جنهن ۾ آرڪائيوز ۽ لاڪڊ چيٽس جا پريسيٽ فلٽرز متعارف ڪرايا ويندا.
هن وقت واٽس ايپ تي ان-ريڊ ، گروپس ۽ فيورٽس جهڙا فلٽرز موجود آهن، جن ۾ جلد آرڪائيوز ۽ لاڪڊ جا آپشن پڻ شامل ڪيا ويندا. لاڪڊ چيٽس تائين پهچ پاس ڪوڊ، فيس آءِ ڊي يا ٽچ آءِ ڊي ذريعي ممڪن هوندي آهي، ان باوجود به هن نئين پريسيٽ فلٽر ۾ سيڪيورٽي جو ڪهڙو طريقو هوندو، ان باري ۾ في الحال ڪا واضح ڄاڻ ناهي ڏني وئي.
You might also like