صوبن کان وفاق 1700 ارب رپيا وٺندو،پ پ به راضي ؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ن ليگ جي سينيٽر ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو ويو،ڪنهن به جٿي کي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن  چيو ته پي ٽي آءِ گلگت بلتستان جي اليڪشن ۾ موجود ئي ناهي،اها سسٽم کان ٻاهر آهي،اها سسٽم کان ٻاهر رهي بار بار سسٽم تي حملا آور ٿي رهي آهي،اهي 9 مئي تي به حملا آور ٿيا ان کانپوءِ 24 نومبر تي به حملي آور ٿيا،هن چيو ته اهو فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي ته سياسي پارٽي طور رهڻو آهي يا جٿي جي صورت ۾،هن چيو ته پي ٽي آءِ کي سسٽم کان ٻاهر نه پيو رکيو وڃي،9 مئي تي ڇا ڪنهن زبردستي انهن کان اهو ڪم ورتو؟جڏهن انهن رياست تي حملو ڪيو،راڄڌاني ۽ ادارن تي حملا ڪيا ويا،هن چيو ته اهي جيڪڏهن سياسي پارٽي طور طرز عمل نه رکندا ته پوءِ کين ڪهڙي طرح سياسي ۽ قانوني فيور ڏئي سگهجي ٿي،هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ليول پليئنگ فيلڊ ان ڪري نه پئي ملي ڇو ته انهن انٽرا پارٽي چونڊ ناهي ڪرائي،9 مئي ۽ 24 نومبر جا واقعا به وڏو سبب آهن،انهن جو رويو به هڪ سبب آهي،هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ اليڪشن ڪميشن انهن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ناهي ڏني،هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ 24 سيٽن مان ٻن سيٽن تي اسان آزاد اميدوارن جي حمايت ڪري رهيا آهيون،22 سيٽن تي اسان ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن،انهن 22 مان اسان جي 15 سيٽن تي پوزيشن تمام بهتر آهي،انهن 15سيٽن تي نمبر ون نه ته نمبر ٽو ضرور هونداسين،ڪوشش ته اسان جي اها آهي ته سڀني سيٽن تي نمبر ون هجون،بي آءِ ايس پي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته توهان ڪنهن خاندان کي ٻن ٽن مهينن کانپوءِ 13 هزار يا 17 هزار رپيا ڏيو ٿا ته ٻڌايو اهڙو ڪهڙو خاندان آهي جنهن جو 13 يا 17 هزارن ۾ ٻه ٽي مهينا گذارو ٿي سگهي ٿو؟بي آءِ ايس پي جو ڪو به فائدو ناهي،صوبن کي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ۾ فنڊن جو فائدو وٺڻو آهي ته پوءِ ذميواريون به کڻن،هن چيو ته بي آءِ ايس پي سوشل ويلفيئر پروگرام آهي،سوشل ويلفيئر سبجيڪٽ صوبن جو آهي،صوبا اهو وزن کڻن،هن چيو ته ماڻهن کي هنر مند بڻايو وڃي،تعليم ڏئي ماڻهن کي روزگار ڏانهن آڻڻ گهرجي،اها ذميواري صوبن جي بڻجي ٿي انهن کي اها کڻڻ گهرجي،صوبا ان پروگرام کي وڌيڪ موثر طريقي سان هلائي سگهن ٿا،اهي ان کي بهتر مينيج ڪري سگهن ٿا،هن چيو ته وفاق وٽ ڪجهه نٿو بچي،هڪ مخصوص انگ اکر وفاق وٽ هئڻ گهرجي،نه ته بجيٽ خسارو پورو نه ٿيندو،وسيلا ته سڀني جي سامهون آهن،وفاق کي به هلڻو آهي ۽ صوبن کي به هلڻو آهي،اين ايف سي جي طريقيڪار ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي،1700 ارب رپين جي معاملي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن،مان ان جي تصديق يا ترديد نه ڪندس،جيڪو به نمبر آهي ان کي پورو ته ڪرڻو آهي ڪن جي هڪ پاسي کان وٺو يا ٻئي پاسي کان وٺو،ان نمبر مطابق وسيلا ڳولڻ تائين بجيٽ ٺاهڻ ۾ مشڪل ٿيندي،پ پ سان ان نمبر تي ڳالهيون جاري آهن،اميد آهي ته پ پ سان ڪنهن نتيجي تي پهچي وينداسين،هن چيو ته پ پ ڇو نه مڃيندي؟ڇا پ پ حڪومت نٿي هلائڻ چاهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.