بحريا ٽائون جا 45 لک ڊالرن جا اڪائونٽس ماريشس ۾ منجمد

اسلام آباد (بيورو) قومي احتساب بيورو (نيب) مني لانڊرنگ خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي بحريا ٽائون سان لاڳاپيل 45 لک آمريڪي ڊالر ماليت جا بينڪ اڪائونٽس ماريشس ۾ منجمد ڪري ڇڏيا، نيب ذريعن موجب احمد علي رياض ۽ مبشرا علي ملڪ جا سلور بئنڪ ماريشس ۾ گڏيل اڪائونٽس احتساب عدالت ڪراچي جي منظوري بعد اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت منجمد ڪيا ويا، اختيارين موجب انهن اڪائونٽس ۾ موجود رقم تائين رسائي روڪي وئي، جڏهن ته جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته مبينا طور حوالا هُنڊي ذريعي غيرقانوني رقم پاڪستان مان گڏيل عرب امارات منتقل ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ ماريشس منتقل ڪري اتي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پرڏيهي وزارت ذريعي لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ رقم جي ضبطي ۽ پاڪستان واپسي لاءِ قدم آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن، نيب موجب هي ڪارروائي غيرقانوني ذريعن سان حاصل ڪيل اثاثن  جي عالمي سطح تي پيروي ۽ قومي دولت واپس آڻڻ جي عزم جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.