عدالت 35 سال پراڻي ڪيس ۾ 85 ورهين جي پيرسن کي ٽي سال ٽِيپ ڏئي ڇڏي

پٽنا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي عدالت 35 سال پراڻي قتل جي ڪيس ۾ 85 ورهين جي پيرسن جوابدار کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي رياست بهار سان واسطو رکندڙ 85 سالن جي ديپ راءِ کي عدالت 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پيرسن جوابدار کي پڪڙي کڻي ويندي ڏسي سگهجي ٿو، ان همراهه جي چيلهه جهڪيل آهي ۽ هو مشڪل سان ئي وکون کڻي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالت ديپ راءِ کي 35 سال اڳ ڪيل قتل جي ڪيس ۽ آرمز ايڪٽ جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ سزا ٻڌائي آهي.
جوابدار جي وڪيل ديپ راءِ جي عمر سبب گهٽ سزا ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي، جنهن کي عدالت قبول ڪندي گهٽ سزا سان گڏ 25 هزار (ڀارتي رپيا) ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي آهي.
عدالت چيو ته جوابدار جي عمر 85 سال آهي ۽ هو جسماني طور تي مڪمل طور تي معذور آهي، اهو چوڻ غلط نه هوندو ته هو جيل ۾ ڪا سخت سزا ڀوڳي نه ڪري سگهندو، پر ساڳئي وقت کيس سزا ڏيڻ به ضروري آهي، تنهنڪري عدالت انساني بنيادن تي گهٽ سزا ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.