ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
صوبائي چيف سيڪريٽري مالي گهوٻين تي انڪوائري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب، بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي ۾ 6 ارب رپين کان وڌيڪ جي مبينا ڪرپشن سامهون آئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ جمن داس، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر طحهٰ عزيز کي طلب ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ موجب، آفيسرن کي ييلو لائين منصوبي بابت سمورو رڪارڊ به ساڻ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته بي آر ٽي ييلو لائين جي اڳوڻي پي ڊي ضمير عباسي قاعدن جي خلاف ايڊوانس پيمنٽ ڪئي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ حڪومت کان ايڪشن وٺڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط لکيو آهي.