سرد جنگ کانپوءِ هي سڀ کان خطرناڪ دور آهي، روس ڳاڙهي اورانگهي سگهي ٿو: برطانوي آرمي چيف جو چتاءُ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل رچرڊ نائٽن چيو آهي ته ملڪ کي هاڻي سرد جنگ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خطرن ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي جنرل رچرڊ نائٽن چيو ته ”هي اهو سڀ کان خطرناڪ دور آهي جيڪو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو آهي.“
سندس چوڻ هو ته هن سال جي پهرين پنجن مهينن دوران روسي اسٽريٽجڪ جهازن طرفان برطانوي فضائي حدن جي ڀڃڪڙين جو انگ ايترو ئي رهيو آهي، جيترو گذريل سڄي سال دوران هو.
هن خبردار ڪيو ته ان ڳالهه جو خطرو موجود آهي ته روس ڳاڙهي لڪير پار ڪري سگهي ٿو.
برطانوي اعليٰ فوجي عهديدار جو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن دفاعي سيڙپڪاري بابت هڪ اهم دستاويز ايندڙ هفتي شايع ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ ڪيئي ڀيرا دير ٿي چڪي آهي.
هي دستاويز ايندڙ 10 سالن ۾ نئين فوجي سامان ۽ دفاعي ڍانچي جي خرچن جي مالي منصوبابندي کي واضح ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.