اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن جي چوڌاري پکڙيل ڪيئي ئي رازن ۾ سندس ماءُ ”ڪو يونگ هئي“ جي سڃاڻپ بابت رازداري سڀ کان نمايان آهي.
اقتدار ۾ پنهنجي 15 سالن جي دور دوران ڪِم هڪ ڀيرو به سرڪاري يا عوامي سطح تي پنهنجي ماءُ جو نالو نه ورتو آهي.
اتر ڪوريا جي موروثي سياست ۾”مائونٽ پيڪٽو“ واري نسل کي مقدس سمجهيو ويندو آهي.
ڪِم جونگ اُن جي ماءُ ڪو يونگ هئي جو تعلق جپان ۾ رهندڙ ڪوريائي خاندان (زائنيچي ڪوريئنز) سان هو، جن کي اتر ڪوريا جي سخت سماجي درجي بندي واري نظام ”سونگ بُن“ ۾ غير مستحڪم يا شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اِهو پس منظر حڪمران خاندان جي تقدس لاءِ خطرو سمجهيو وڃي ٿو.
ڪو يونگ هئي هڪ اعليٰ سطحي آرٽ ٽروپ جي رڪن هئي، جنهن پنهنجي فن ۽ خوبصورتي ذريعي ڪِم جونگ اِل جو ڌيان ڇڪائي ورتو، جيتوڻيڪ هوءَ سندس باظابطا زال نه هئي، پر ان باوجود هن ملڪي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
رپورٽ موجب، ڪِم جونگ اِل پاليسي فيصلن ۾ کائنس صلاحون وٺندو هو.
ڪيترن ئي سوانح نگارن جو خيال آهي ته ڪو يونگ هئي فعال طور تي پنهنجي پٽ ڪِم جونگ اُن کي جانشين بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو.
ڪِم جونگ اُن کي سندس ڪاميابيءَ ۽ مقابلي واري مزاج سبب ترجيح ڏني وئي.
ڪو يونگ هئي 2004ع ۾ فرانس ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر وگهي وفات ڪئي، پر سندس موت جو سرڪاري سطح تي ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو.
حڪومت جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪِم جونگ اُن جي ماءُ جو جپاني پس منظر ۽ سندس ڪٽنب جا پرڏيهي رابطا سامهون آيا ته اهو اتر ڪوريا جي پروپيگنڊا ۽ خانداني تقدس واري بيانئي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
ان ڪري ئي ڪِم جونگ اُن هاڻي پنهنجي زال ري سول جو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو-اي کي سامهون آڻي رهيو آهي ته جيئن هڪ نئون ۽ صاف سٿرو خانداني تشخص قائم ڪري سگهجي.