ويرات ڪوهلي جي ڀارت ڇڏي لنڊن منتقل ٿيڻ جو اصل ڪارڻ سامهون اچي ويو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ انڊين پريميئر ليگ جي فرنچائز رائل چئلينجرز بئنگلورو جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهليءَ جي اڳوڻي ساٿي ليام ليونگسٽن، ڪرڪيٽر جي ڀارت ڇڏي لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو حقيقي ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
هڪ تازي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي ليام ليونگسٽن چيو ته ويرات ڪوهلي ميدان کان ٻاهر انتهائي پرسڪون، خانداني، سادو ۽ دوستاڻو مزاج رکندڙ شخص آهي، پر ميدان ۾ قدم رکندي ئي هو نهايت جارحاڻو ۽ مقابلي وارو رانديگر بڻجي ويندو آهي.
ليام جو چوڻ هو ته ويرات ڪوهلي ڀارت ۾ ملندڙ غير معمولي شهرت ۽ هر وقت ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل زندگي پسند نٿو ڪري.
هو اهڙي زندگي گهارڻ جو خواهشمند ناهي جيڪا هو ڀارت ۾ گذاري رهيو هو، کيس اهڙو پرسڪون ماحول گهرجي جتي کيس ڪو خاص ڌيان نه ڏئي ۽ هو پنهنجي مرضيءَ سان آزاد گهمي ڦري سگهي.
سندس چوڻ هو ته ويرات ڪوهليءَ کي شهرت جي ڪري گهر ۾ بند رهڻ بلڪل پسند ناهي.
ليام ليونگسٽن موجب، ڪوهليءَ جي هر چرپر تي ڪيمرا جي نظر هوندي ۽ عوام جون نظرون هر وقت مٿس هونديون آهن، ان ئي دٻاءَ ۽ پريشانيءَ سبب هن پنهنجي ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ پرڏيهه منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي هاڻي ڀارت ڇڏي مستقل طور لنڊن شفٽ ٿي چڪو آهي، جتي هو پنهنجي گهرواري انوشڪا شرما ۽ ٻارن سميت پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.